لاهور (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ٽن ٽي ٽوئنٽي تي ٻڌل سيريز لاءِ سيڪيورٽي انتظامن لاءِ فوج ۽ سول آرميڊ فورسز جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
گهرو کاتي جي ذريعن موجب، فوج ۽ سول آرميڊ فورسز جي مقرري سيڪيورٽي ۽ تحفظ جون ذميواريون سنڀالڻ لاءِ هوندي، پاڪ فوج جي مقرر آئين جي آرٽيڪل 245 تحت هوندي، جڏهن ته سول آرميڊ فورسز جي مقرري دهشتگرد ٽوڙ ايڪٽ 1997ع تحت ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي تحت گهرو کاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم 25 مئي تي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان پهچندي.
Next Post
You might also like