ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشورو ٽول پلازا ويجهو خاتون اول ۽ ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري جي قافلي کي روڪڻ تي پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديقي موجب، امن امان کي نقصان رسائيندڙ ڪجهه جوابدار گرفتار پڻ ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته آصفه ڀٽو زرداري جو قافلو ڪراچي کان نواب شاهه وڃي رهيو هو جيڪو گذريل ڏينهن روڪيو ويو.
قافلي ۾ شامل پوليس نفري هڪ منٽ اندر آصفه ڀٽو جي گاڏي کي حفاظت سان ڪڍي ورتو هو.
ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديقي چيو ته مڇريل مظاهرين قافلي جي گاڏين تي هٿ ۽ ڏنڊا به هنيا هئا.