ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) سري لنڪا جي تجربيڪار آل رائونڊر ۽ اڳوڻي ڪپتان انجيلو ميٿيوز ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ انجيلو ميٿيوز چيو ته ايندڙ مهيني بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ سندس آخري ٽيسٽ هوندي.
ميٿيوز جو چوڻ هو ته هو رڳو ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته وائٽ بال ڪرڪيٽ لاءِ سليڪٽر سندس نالي تي غور ڪري سگهن ٿا.
انجيلو ميٿيوز پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر دوران 118 ميچن ۾ 8167 رنسون اسڪور ڪيون، جڏهن ته 33 وڪيٽون پڻ حاصل ورتيون.