ڪراچي(ويب ڊيسڪ) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزيرٰ مراد علي شاهه عالمي بئنڪ جي وفد سان گڏ نظر محمد لغاري گوٺ جو دورو ڪيو، جتي ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ڪيل گهرن جو جائزو ورتو ويو.
ورلڊ بئنڪ جي وفد ۾ مينيجنگ ڊائريڪٽر اينا بيجرڊ ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بين حسين شامل هئا.
دوري دوران آصفه ڀٽو زرداري ۽ ايم ڊي ورلڊ بئنڪ متاثر عورتن کي گهرن جي مالڪي جون سندون پڻ ورهايون، جڏهن ته ايم ڊي ورلڊ بئنڪ کي عورتن جي هٿ جو ڪم به ڏيکاريو ويو.
آصفه ڀٽو زرداري وفد کي آگاهه ڪيو ته نظر محمد لغاري ڳوٺ ۾ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل 32 گهرن جي ٻيهر اڏاوت ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته هي منصوبو پاڪستان جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي، جيڪو عورتن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ جي پاليسيءَ تي ٻڌل آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جو عزم آهي ته ٻهراڙي جي عورتن کي بااختيار بڻايو وڃي.
ان موقعي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته 2022ع جي ٻوڏ دوران سنڌ ۾ 21 لک گهر متاثر ٿيا، جن جي اڏاوت لاءِ ورلڊ بئنڪ طرفان 500 ملين ڊالر جي فوري مدد سان بحالي جو عمل ممڪن ٿيو.
هن وڌيڪ چيو ته ورلڊ بئنڪ پنهنجي امداد ۾ 450 ملين ڊالر جو واڌارو ڪيو، جيڪو 7 لک 78 هزار نون گهرن جي تعمير لاءِ استعمال ٿيو، جڏهن ته 450 ملين مان 54.92 ملين ڊالر پاڻي، صفائي ۽عام ماڻهن جي صحت تي خرچ ڪيا پيا وڃن.
ايم ڊي ورلڊ بئنڪ سنڌ حڪومت جي قيادت ۽ ويزن کي ساراهيندي سنڌ سان سهڪار جاري رکڻ جو وعدو ڪيو.