بيروزگارن لاءِ خوشخبري، سنڌ حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت هلندڙ سال دوران اي وي ٽيڪسي رٿا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪيا ويندا.
اهو اعلان سينيئر وزير ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران ڪيو ويو، جتي اي وي ٽيڪسي ۽ اسڪُوٽيز رٿائن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
سنڌ حڪومت طرفان ايندڙ مهيني 1000 عورتن کي اي وي اسڪوٽيز ڏيڻ لاءِ قرعه اندازي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اي وي اسڪُوٽيز نه رڳو عورتن جي اچ وڃ لاءِ آسانيون پيدا ڪنديون، پر ماحولياتي بهتري ۽ توانائي جي بچت ۾ به ڪردار ادا ڪنديون.
هن ٻڌايو ته حڪومت هلندڙ سال دوران اي وي ٽيڪسي رٿا به شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪا نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪندي.
هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته شفافيت سان قرعه اندازي مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن اصل مستحق عورتن کي فائدو ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.