کنڊ جو في ڪلو 180 کان 185 رپيا وڪرو

لاهور (م ڊ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران کنڊ جي في ڪلو پرچون قيمت 164 رپيا مقرر ڪرڻ جي سخت هدايتن باوجود، کنڊ جي قيمت ۾ ڪا به گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، ملڪ جي مختلف هنڌن تي اوپن مارڪيٽن ۾ کنڊ 180 کان 185 رپيا  في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، هلندڙ سال جي شروعات ۾ سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت 140 رپيا في ڪلو هئي، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ 50 ڪلو واري ٿيلهي جي قيمت 6،200 رپيا هئي، هاڻ اها ريزڪي ۾ 180 کان 185 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي ۽ 50 ڪلو واري ٿيلهي جي قيمت 1،800 رپيا واڌ سان 8،600 رپيا ٿي وئي آهي.

  • سنڌ جي اسڪولن ۾ اونهاري جي موڪلن جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اسڪولن لاءِ اونهاري جي موڪلن جو باضابطا اعلان ڪيو ويو. اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پنهنجي فيس بُڪ پوسٽ ۾ ڄاڻايو ته موڪلون پهرين جون 2025 کان 31 جولاءِ 2025 تائين ٿينديون. نوٽيفڪيشن  موجب موڪلون سرڪاري ۽ نجي ٻنهي قسمن جي اسڪولن تي لاڳو ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.