ڪراچي ۾ گرمي سبب گيسٽرو ۾ واڌ، ٻارڙا وڌيڪ متاثر

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌڻ سان ئي گيسٽرو جي مرض ۾ تيزي سان اضافو ٿي ويو آهي، جنهن سبب ڪيترائي  مريض اسپتال ڀيڙا ٿي ويا، رپورٽ موجب ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌڻ سان ئي ڊائريا جي بيماري ۾ تيزي سان اضافو ٿي ويو، پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر ڊاڪٽر وسيم جمالي ٻڌايو ته سرڪاري اسپتالن ۾ روزاني ڪيترائي گيسٽرو جا مريض آندا پيا وڃن گيسٽرو مان سڀني کان وڌيڪ متاثر ٻارڙا ٿي رهيا آهن، ڊاڪٽر مريضن کي آگاھ ڪندي چيو ته گندو پاڻي ۽ غير معياري کاڌو ڊائريا جو وڏو سبب بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته گيسٽرو سبب جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سبب حياتي کي به خطرو ٿي سگهي ٿو، ڊاڪٽر ھدايت ڪندي چيو ته شهري احتياط سان ڪم وٺندي اُٻاريل پاڻي استعمال ڪن ۽ روزاني هٿ باقاعدگي سان ڌوئين، انهي کان سواءِ گهر مان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ٽوال ۽ پاڻي جي بوتل پاڻ سان ضرور رکن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.