پڊعيدن ۾ شڪي مقابلي دوران 2 ڄڻا مارجي ويا، اهلڪار زخمي

پڊعيدن/فيض گنج (رپورٽ: حيدر پلهه/ظهير خاصخيلي) پڊعيدن پوليس ۽ جوابدارن ۾ ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد  يوسف شر ڀرسان مبينا مقابلي دوران هڪ ڄڻو گلزار پٽ مٺل صمداڻي راڄپر ٿڏي تي مارجي ويو، ٻيو  شفيق پٽ ظفر صمداڻي راڄپر زخمي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال نيئيندي رستي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته پوليس اهلڪار محمد ڇلڻ راڄپر گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن جو علاج نوابشاهه اسپتال ۾ جاري آهي. پوليس موجب ڦورو موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ مارجي ويو، ٻيو زخمي ٿيو ۽ ٽيون فرار ٿي ويو. فوت ٿيلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ فيض گنج آندا ويا، پر پڊعيدن پوليس مارجي ويل شفيق احمد جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ نه ڏنو جنهن کي پڊ عيدن اسپتال نيو ويو. مارجي ويلن جي وارثن سوٽ ڪامران راڄپر ۽ چاچي ظھير احمد راڄپر الزام هنيو ته نوجوان بيگناهه هئا، قوم پرست تنظيم سان لاڳاپيل هئا، پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.