بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪا جي ناظم الامور نٽالي بيڪر زرداري  هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي.بلاول ڀٽو زرداري، آمريڪي نمائندي سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو جنگ بندي واري معاهدي ۾ ڪردار قابلِ تحسين آهي.پاڪستان آمريڪا سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ خطي جي تڪرارن جي حل لاءِ پاڪستان، آمريڪا سان گڏ بيٺو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.