22 مئي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

حيدرآباد / ڪراچي/قمبر(پ ر)  22 مئي جي شھيدن جي 13ھين ورسي جي موقعي تي  ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ  جي ڊويزنل صدر اشفاق چنڙ، جنرل سيڪريٽري منان شيخ، مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ، ڪاشف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي ناھيد جوڳي، فياض اتيرو، جنسار ھيسباڻي، ايڊووڪيٽ عابد جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ اسٽيل ٽائون جي علائقي ۾ شھيد غزالا بتول جي مزار تي پھچي گلن ۽ اجرڪ جي چادر چاڙھي سلامي پيش ڪئي. جڏھن ته قمبر ڀرسان ڳوٺ دليل ٻرڙو م قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي خزاني شوڪت تنيو، گل حسن بليدي، ضمير مغيري، ايڊووڪيٽ عنايت تنيو، انعام الله ڪانڌڙو، علي گوھر جتوئي جي اڳواڻي ۾ شھيد شبير بليدي جي مزار تي پھچي گلن ۽ اجرڪ جي چادر چاڙھي کيس سلامي پيش ڪري ڀيٽا ڏني. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد غزاله بتول صديقي، ستار اُنڙ، شبير بُليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت 22 مئي جي سمورن شهيدن کي سُرخ سلام پيش ڪيون ٿا. ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي 22 مئي جي شھيدن جي 13ھين ورسي جي موقعي تي چيو ته شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت 22 مئي جي شھيدن عالمي سامراجي دھشتگردن سان وڙھندي پنھنجي سنڌ وطن لاءِ جان ڏني. 22 مئي جا شھيد سنڌ جون سورميون ۽ سورما آھن. محبت سنڌ ريلي دھشتگردن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي. هن چيو ته  سنڌ ۾ رھندڙ اڳ ۾ به پاڻ ۾ ڀائر ھئا ۽ اڄ به ڀائر آھن، انھن کي ڪير به الڳ نٿو ڪري سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.