سنڌ ۾ بدامني خلاف جماعت اسلامي پاران اڄ مظاهرن جو سڏ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي سڏ تي صوبي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڏوهارين جي راڄ خلاف جمعي 23 مئي تي ڪراچي  کان ڪشمور تائين سنڌ ڀر ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ٺٽو، ڪنڌڪوٽ، ٽنڊوالهيار، شڪارپور سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن کي صوبائي ۽ مقامي اڳواڻ خطاب ڪندا.جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڏوهارين جو راڄ قائم آهي، جن کي پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جو مڪمل سهڪار حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.