واپڊا چيئرمين جا ڀارتي مدد جا الزام رد ڪريون ٿا:نواز زئور

حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين ۽ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي ڪنوينر نواز خان زئور چيو آهي ته واپڊا چيئرمين  سجاد غني پاران ڪالاباغ ڊيم مخالف جدوجهد تي ڀارت کان پئسا وٺڻ واري ڪوڙ تي ٻڌل الزام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ڪالاباغ ڊيم سميت سمورا ڊيم درياھ دشمن، ماحوليات مخالف، ايڪو سسٽم ۽ ڊيلٽا لاءِ تباهي مچائيندڙ منصوبا آهن، جن خلاف سنڌ تاريخي جدوجهد پئي ڪئي آهي. رسول بخش پليجي ۽ بشير خان قريشي کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو ۽ امداد محمد شاھ تائين سنڌ جي وڏين شخصيتن ۽ قومپرست پارٽين ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو ۽ ان خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي. هن چيو ته  واپڊا چيئرمين ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، کيس هڪدم عهدي تان هٽائي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.