لاهور (م ڊ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران کنڊ جي في ڪلو پرچون قيمت 164 رپيا مقرر ڪرڻ جي سخت هدايتن باوجود، کنڊ جي قيمت ۾ ڪا به گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، ملڪ جي مختلف هنڌن تي اوپن مارڪيٽن ۾ کنڊ 180 کان 185 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، هلندڙ سال جي شروعات ۾ سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت 140 رپيا في ڪلو هئي، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ 50 ڪلو واري ٿيلهي جي قيمت 6،200 رپيا هئي، هاڻ اها ريزڪي ۾ 180 کان 185 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي ۽ 50 ڪلو واري ٿيلهي جي قيمت 1،800 رپيا واڌ سان 8،600 رپيا ٿي وئي آهي.
-
سنڌ جي اسڪولن ۾ اونهاري جي موڪلن جو اعلان
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اسڪولن لاءِ اونهاري جي موڪلن جو باضابطا اعلان ڪيو ويو. اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پنهنجي فيس بُڪ پوسٽ ۾ ڄاڻايو ته موڪلون پهرين جون 2025 کان 31 جولاءِ 2025 تائين ٿينديون. نوٽيفڪيشن موجب موڪلون سرڪاري ۽ نجي ٻنهي قسمن جي اسڪولن تي لاڳو ٿينديون.