ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران صحافين جي تحفظ لاءِ جوڙيل ڪميشن (سنڌ ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ادر ميڊيا پريڪٽيشنرس) جو اجلاس چيئرمين اعجاز احمد ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ آرڪائيوز ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سيڪريٽري انفارميشن جي نمائندگي ڪندي ڊائريڪٽر انفارميشن ماجد خان، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (CPNE) جي نمائندي ڊاڪٽر جبار خٽڪ، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ) مان مظھر عباس، سنڌ ھيومن رائٽس ڪميشن جي نمائندي ڊاڪٽر توصيف احمد خان، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (APNS) مان قاضي اسد عابد، آل پاڪستان نيوز پيپر ايمپلائيز ڪنفيڊريريشن (APNEC) مان عبيدالله خان، قانون واري کاتي مان ايڊيشنل سيڪريٽري اسدالله ڀٽي، انساني حقن واري کاتي مان ڊپٽي سيڪريٽري نظير احمد خاصخيلي ۽ ڪميشن جي سيڪريٽري سعيد ميمڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ ۾ صحافين کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، خاص طور تي سکر ڊويزن سان تعلق رکندڙ صحافين نصرالله گڏاڻي، جان محمد مھر، حيدر مستوئي ۽ تازو خيرپور ۾ قتل ٿيل صحافي الله ڏنو (اي ڊي) شر سميت ٻين ايجنڊائن تي ڳالھه ٻولھه ڪئي وئي، ڪميشن پنهنجي گذريل اجلاس ۾ سکر پوليس پاران جان محمد مھر ۽ حيدر مستوئي جي ڪيسن تي جمع ڪرايل رپورٽن کي عدم اطمينان بخش قرار ڏنو هو، ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ پوليس کي خط لکي اهو چيو ويو هو ته ايندڙ اجلاس لاءِ سکر ڊويزن مان ڪنهن ذميوار پوليس آفيسر کي بريفنگ لاءِ نامزد ڪيو وڃي پر ان باوجود سنڌ پوليس جو ڪو به نمائندو اجلاس ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي ڪميشن پاران سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ۽ ان ڳالھه تي زور ڏنو ويو ته ڪميشن جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ سنڌ پوليس سميت هر اداري جي قانوني ذميواري آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گھرو کاتو ۽ آءِ جي سنڌ پوليس ڪميشن سان بهتر رابطن لاءِ هڪ هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪري ته جيئن صحافين بابت ڪيسز ۾ بھتر اڳڀرائي ٿي سگھي، ان کان سواءِ اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سڀني ميڊيا مالڪن کي ٻيهر خط لکي اهو ياد ڏياريو ويندو ته سنڌ ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ادر ميڊيا پريڪٽيشنرس ايڪٽ 2021 جي آرٽيڪل 15 تحت ميڊيا مالڪ قانوني طور پابند آهن ته هو نه صرف پنهنجي صحافين جي زندگيءَ جي انشورنس ڪرائين پر انهن کي حفاظتي تربيتون پڻ مهيا ڪن، صحافين جي تحفظ لاءِ ٺاهيل قانون تي عملدرآمد هر حالت ۾ يقيني بڻايو وڃي، ڪميشن جي ميمبرن سيڪريٽريءَ پاران تيار ڪيل سالياني رپورٽ جو جائزو پڻ ورتو ۽ ان جي سڌاري لاءِ تجويزون ڏنيون، اجلاس کان پوءِ ميمبرن سنڌ آرڪائيوز ۾ تعمير ھيٺ ڪميشن جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ چيئرمين پاران ڪيل تعميراتي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.