ڪراچي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ سي اي او جو جواب رد

اسلام آباد (م ڊ) نيپرا ۾ عوامي ٻڌڻي دوران ڪراچي واسي گهڻي وقت جي لوڊشيڊنگ تي ڀڙڪي پيا، جڏهن ته نيپرا عملدارن ڪي  اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي پاران پيش ڪيل وضاحت کي ٻاراڻو قرار ڏيندي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي نمائندي چيو ته اونهارو شروع ٿيندي ئي ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي آهي، ۽ نيپرا کي درخواست آهي ته ان مان نڪرڻ جو رستو ڳولي. نيپرا ميمبر رفيق شيخ چيو ته لوڊشيڊنگ تي سي اي او جو جواب غير سنجيده آهي، جيڪڏهن اسان خاموش رهياسين ته لڳندو ته اسين ڪي اليڪٽرڪ سان مليل آهيون. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي حالتن ۽ زميني حقيقتن ۾ وڏو فرق آهي، ڪمپني جي بجلي ورهائڻ واري صلاحيت انتهائي خراب ٿي چُڪي آهي. مونس علوي موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪي اليڪٽرڪ جي عملي تي حملا ٿين ٿا، ماڻهن کان بل اوڳاڙي ۽ لائين لاس گهٽائڻ جو ڪو طريقو نه پيو سمجهه ۾ اچي. نيپرا کي ماڻهن کي اپيل ڪرڻ گهرجي ته اهي بل ادا ڪن ۽ ڪنڊا نه هڻن. نيپرا ڪي اليڪٽرڪ سي اي او جي جواب تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي. ٻئي طرف، بجلي 5.02 رپيا في يونٽ سستي ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ٿي، جنهن تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو، جيڪو جلد جاري ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.