حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾ قديمي ڳوٺ مسمار ڪري زمينون بحريا ٽائون جهڙن منصوبن حوالي ڪيون ويون، ترقي جي نالي تي مقامي ماڻهن کي بي گهر ڪري سندن روزگار ڦريو ويو ۽ هاڻ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تحت زمين کسڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي پاران زمين جي غير قانوني ورهاست، قبضا گيري ۽ مقامي ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ جهڙن مسئلن بابت ڪوٺايل جاڳرتا گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي حيدرآباد جي ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين چيو ته پاڪستان اندر بي گهر ماڻهن ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي، سنڌ ۾ سوين تاريخي ڳوٺن کي مسمار ڪري شهر ۾ ڪچين آبادين کي ڊاهي بنيادي، انساني ۽ شهري حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي، سماج جي سمورن طبقن کي ان انساني الميي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته بحريا ٽائون جي لاءِ قديمي ڳوٺ مسمار ڪيا ويا، لطيف جا تڪيا به ڊاٺا ويا، ٿر ڪول جي رٿا ذريعي ٿرين کان زمين کسي وئي، هاڻ وري ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي زمين کسڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي، عوام جا رھائشي حق به غضب ڪيا ويا آھن، هن چيو ته هن ملڪ اندر جمھوري آزاديون گھٽيون آھن ۽ آئيني حقن تي عمل نه ٿو ٿئي، ايڊووڪيٽ امداد انڙ چيو ته قانون جي پاسداري ڪرڻ ھر ھڪ شھري تي فرض آھي، ڪٿي به گھر جي خريداري وقت قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ گھرجن، محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ ڳوٺ آباد اسڪيم متعارف ڪرائي وئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين عمل جوڳي آھي، پارڪ تي قبضو ڏوهه آھي، ڪنهن به اسڪيم جو ھڪ دفعو نقشو منظور ٿي ويو ان ۾ تبديلي نه ٿي ڪري سگھجي، ڪنهن به ٻئي شهري جي زمين جي قبضي تي بنيادي ۽ شهري حقن وارو قانون لاڳو نٿو ٿئي، ايڇ آر سي پي جي ميمبر ڊاڪٽر خوشحال داس چيو ته ٿر ۾ صدين کان ماڻهو ويٺا آهن ۽ کين مالڪاڻا حق ناھن مليا، پر هاڻ ٿر جي ھڪ لک 90 ھزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني پئي وڃي، ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي زمين جا مالڪاڻا حق ڏيڻ لاءِ حڪومتي ادارا فرض نٿا نڀائين، وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت چيو ته سنڌ جا ماڻھو صدين کان جھڳين ۾ ويٺل آھن، جتي سندن نسل برباد پيا ٿين، عوام کي پاڪستان جي آئين ۾ مليل حق به نه ٿا ملن، سماجي اڳواڻ پشپا ڪماري چيو ته اقليتن لاءِ ملڪيت ۾ عورتن جو حق محفوظ ناهي، سنڌ ۾ رهندڙ اڪثر اقليتي برادري جي ماڻهن کي پنهنجي ڳوٺن ۽ گهر جا مالڪاڻا حق ناهن.