اسان جا حڪمران ڇا رڳو دهشت گردي جي واقعن جي مذمت تائين محدود رهندا؟

قومي اسيمبليءَ ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ زيرو پوائنٽ جي ويجهو اسڪول ويندڙ شاگردن جي بس کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 4 شاگردياڻين سميت 10 ماڻهو شهيد ٿيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ چيو ويو ته ڇا اسين صرف مذمت ۽ افسوس جي بيانن تائين محدود رهنداسين. اسيمبلي ميمبرن چيو ته دهشت گردي خلاف فيصلائتي ڪارروائي جو وقت اچي ويو آهي. چيو ويو ته دهشت گردي جو سڀ کان گهڻو نقصان بلوچستان جو ٿيندو آهي. اهو به چيو ويو ته پي ٽي آءِ  جي حڪومت طالبانن کي واپس ملڪ ۾ آڻي کين دهشت گردي جو موقعو ڏنو آهي.. اهو به چيو ويو ته ان واقعي ۾ ڀارت ملوث آهي جيڪو وڏي عرصي کان پاڪستان ۾ دهشت گردي ڪري رهيو آهي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ان دهشت گرد واقعي جي نندا ڪندي چيو آهي ته دهشت گردن اسڪول بس تي حملو ڪري درندگي جون سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون آهن. هن چيو ته ڀارتي سرپرستيءَ ۾ پلجندڙ انهن دهشت گردن کي پنهنجي انجام تي پهچائي دم پٽينداسين. صدر زرداري به چيو آهي ته اسين ڀارتي حمايت سان ٿيندڙ دهشت گردي کي عالمي سطح تي وائکو ڪنداسين.

قومي اسيمبلي جي ميمبرن وانگر اسان جو به حڪومتن ۽ حڪمرانن کان اهو سوال آهي ته ڇا اهي رڳو دهشت گردي جي واقعن جي مذمت ڪرڻ ۽ افسوس تائين محدود رهندا؟  ڇا هي بي گناهه عوام ۽ معصوم ٻار ايئن ئي دهشت گردي جو بک بڻجندا رهندا. اسان جو خيال آهي ته حڪومتن ۽ حڪمرانن کي هاڻي فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته عوام جو گهڻو ئي نقصان ٿي چڪو آهي جنهن کي هاڻي هر قيمت تي ٻنجو اچڻ گهرجي. هونئن به ڏسجي ته ڪنهن به حڪومت جي اولين ذميواري ئي عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي. جيڪڏهن ڪا حڪومت عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي بنيادي ذميواري ادا نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ ان کي اخلاقي طور تي حڪومت ڪرڻ جو به ڪو جواز ناهي.

دهشت گردي جي حوالي سان اسان جو هميشه کان اهو واضح موقف رهيو آهي ته ڪنهن به رياست يا حڪومت سان نظرياتي سوچ ته مقابلو ڪري سگهي ٿي پر دهشت گرد نٿا ڪري سگهن پر هتي الٽو معاملو آهي. اسان وٽ وري نظرياتي ۽ سياسي ماڻهن تي عتابي نظر رهي آهي جڏهن ته دهشت گردن ڏانهن نرم رويو رهيو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو دهشت گردي جو نيٽ ورڪ نيست ۽ نابود نه ٿو ٿئي. جڏهن ته اسان جو اهو خيال هميشه کان رهيو آهي ته حڪومتون ۽ رياستون جيڪڏهن واقعي به دهشت گردن ۽ دهشت گردي جي نيٽ ورڪ کي ناس ڪن ته انهن طاقتن لاءِ  ان ڪم لاءِ 24 ڪلاڪ ئي ڪافي آهن. اهڙو لقاءُ پاڻ نواز شريف جي  2013ع واري حڪومت ۾ ڏسي چڪا آهيون جڏهن جنرل راحيل شريف جي  سربراهي ۾ هر قسم جي دهشت گردي خلاف ملڪي تاريخ جو ڪامياب ترين آپريشن ضرب عضب ٿيو هو. جنهن کان پوءِ نه  طالبانن جي دهشت گردي رهي، نه ڪراچي ۾ بدنام زمانه لساني جماعت جي بدمعاشي رهي نه ئي فرقيوار فساد ٿيا، ڌاڙيل به گم  ٿي ويا ٻيو ته ڇڏيو اسٽريٽ ڪرائيم به ڪافي سالن تائين ختم ٿي وئي. ڄڻ اهو آپريشن نه پر ڪو معجزو هو جادو هو.

هاڻي به مسلم ليگ (ن) جي ئي وفاقي حڪومت آهي ۽ موجوده چيف آف آرمي اسٽاف عاصم منير کي ڀارت سان ڪامياب جنگي معرڪي کانپوءِ فيلڊ مارشل جو اعزاز نصيب ٿيو آهي ته ڇا اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2013ع وارو فيصلائتو آپريشن ڪري وري هر قسم جي دهشت گردي کي ختم ڪري ڏيکاريندي؟ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو وزيراعظم هاڻي نوازشريف جو ننڍو ڀاءُ شهباز  شريف آهي جنهن جو سياسي گرو به نواز شريف ئي آهي ته ڇا اهو پنهنجي ڀاءُ وارو يادگار آپريشن نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن موجوده حڪومت ڀارت کي جنگ ۾ ٽوٽا چٻائي سگهي ٿي ته ڇا اها دهشت گردن جي چيلنج کي قبولي ۽ انهن کي ٽوٽا نه ٿي چٻائي سگهي. وزيراعظم شهباز شريف دهشت گردن کي پنهنجي انجام تي رسائڻ جي دعويٰ  ته ڪئي آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته هو ان دعويٰ ۾ ڪيترو سنجيده آهي.

چوڻ جو مقصد ته حڪومت ۽ رياست جيڪڏهن چاهي ته اها هاڻي به 2013ع وارو فيصلائتو آپريشن ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن بقول حڪومت جي ته خضدار واقعي ۾ ڀارت ملوث آهي ته ان جا ثبوت هٿ ڪري ان معاملي کي عالمي سطح تي کڻڻ جي پڻ ضرورت آهي. آمريڪا سميت عالمي برادري هونئن ئي پاڪ ڀارت جنگي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ٻيو ته پاڪستان جي حڪومت بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي هڪ سفارتي وفد به تيار ڪيو آهي. جيڪو عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪيس وڙهندو تنهن ڪري اميد ڪجي ٿي ته ان سفارتي مهم توڙي ڀارت سان ڳالهين ۾ اهو به لازمي طور طئي ڪرڻ پوندو ته هڪٻئي جي ملڪن ۾ نه رڳو جنگ بندي تي زور ڏجي پر دهشت گردي جي روڪٿام جو به معاهدو ڪرڻ گهرجي ۽ اهو معاهدو ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته دهشت گردي جو نشانو عام ماڻهو بڻجي رهيا آهن عالمي برادري کي به ان ڳالهه جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي.

مجموعي طور تي به ڏسجي ته دهشت گردن جي ملڪ ۽ حڪومتون  ئي سرپرستي ڪنديون رهيون آهن تنهن ڪري هن معاملي کي عالمي سطح تي کڻڻ گهرجي ۽ گڏيل طور فيصلو ڪرڻ گهرجي ته سڀئي ملڪ گڏجي ڪري دهشت گردي کي ختم ڪندا. جيڪڏهن نه ته پوءِ خالي افسوس ڪرڻ ۽ مذمت ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي. جيڪڏهن دنيا جون حڪومتون ۽ حڪمران دهشت گردي کي روڪي عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ نه ٿا ڪري سگهن ته پوءِ اهي پنهنجي ناڪامي کي تسليم ڪندي ڪرسيون خالي ڪن ته سندن وڏي مهرباني ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.