حيدرآباد(ويب ڊيسڪ)سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبي خلاف نسيم نگر چوڪ تي احتجاجي جلسو منعقد ڪيو ويو.
جلسي کي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي آمريڪا مان وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام جي گذريل ڏهن مهينن کان پرامن سياسي جدوجھد ڪري رهي آهي ته سنڌو درياهه ڪينال نه ٺاهيو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار بند ڪريو.
هن چيو ته سنڌ جي هن پرامن سياسي جدوجھد جي سبب حڪمرانن ڪينالن جي معاملي تي نيٺ گوڏا کوڙيا. جيڪا سنڌ جي فتح آهي. ائين ئي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف به سنڌ پرامن سياسي جدوجھد وسيلي هنن حڪمرانن کي شڪست ڏيندي.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون مختلف خانگي ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن. جيڪا سنڌ سان ناانصافي آهي. سنڌ جون خالي پيل سرڪاري زمينون سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهي. ان کي ائين تين وال ڪرڻ جو ڪنهن کي حق حاصل ناهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مورو واقعي جي مذمت ڪيون ٿا بيگناھه ماڻهن تي گولين هلائڻ جو ڪنهن کي به اختيار ناهي. اسان مطالبو ٿا ڪريون ان واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.