فواد خان جي فلم تي پابندي جو مطالبو ڪرڻ باوجود تنقيد ڪئي وئي: رڌي ڊوگرا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار فواد خان سان گڏ بالي ووڊ فلم ”ابير گلال“ ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارا رڌي ڊوگرا چيو آهي ته ڀارت ۾ پاڪستاني اداڪار جي فلم تي پابندي جو مطالبو باوجود کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
رڌي ڊوگرا به ”ابير گلال“ جي ڪاسٽ جو حصو آهي ۽ پهلگام واقعي کانپوءِ ان فلم جي رليز ملتوي ڪئي وئي آهي.
پهلگام واقعي کانپوءِ ڪيترن ئي ڀارتي اداڪارن فلم ”ابير گلال“ جي رليز تي پابندي جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته ساڳي فلم ۾ ڪم ڪندڙ رڌي ڊوگرا پڻ فلم جي نمائش روڪڻ جو مطالبو ڪيو هو.
پر هاڻ اداڪارا انڪشاف ڪيو آهي ته فواد خان جي فلم تي پابندي جو مطالبو ڪرڻ باوجود ماڻهن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي رڌي ڊوگرا شڪايت ڪئي ته فلم تي پابندي جي حمايت ڪرڻ باوجود کيس طعنا ڏنا ويا.
اداڪارا موجب کيس چيو ويو ته هڪ طرف هوءَ فلم تي پابندي جو مطالبو ڪري ٿي، ٻئي طرف ساڳي فلم ۾ فواد خان سان گڏ ڪم به ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته تنقيد ڪندڙن کي سمجهڻ گهرجي ته هوءَ به ڀارت جي شهري آهي، کيس پاڪستاني اداڪار جي فلم تي پابندي جو مطالبو ڪرڻ سبب تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ حب الوطنيءَ تي شڪ ظاهر ڪيو ويو.
رڌي ڊوگرا وڌيڪ چيو ته هوءَ پنهنجي ملڪ ۽ فوج سان گڏ بيٺل آهي، ان ڪري ئي فواد خان جي فلم جي رليز روڪڻ جو مطالبو ڪيو پر ان باوجود کيس تنقيد برداشت ڪرڻي پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.