ڊريپ 5 دوائون جعلي قرار ڏيندي عوام کي خبردار ڪري ڇڏيو، اهي ڪهڙيون دوائون آهن؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جي جعلي دوائن خلاف سڄي ۾ ڪارروائي جاري آهي ۽ ڊريپ پنجن جعلي دوائن جي نشاندهي ڪندي عوام کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ڊريپ عوام کي خبردار ڪندي چيو آهي ته سيفم ڪيپسول 400 ملي گرام جعلي آهي، جيڪو مريضن جي صحت لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
اهڙي ريت ايسفي ڪوف سيرپ 125 ملي ليٽر پڻ جعلي ثابت ٿيو آهي، جنهن جي استعمال سان نقصان ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ڊروفا-10 ٽيبليٽ ۽ ڊائيڊروڪير 10 ملي گرام جون گوريون به غير معياري ۽ جعلي قرار ڏنيون ويون آهن.
ڊريپ موجب ڊروپليڪس 10 ملي گرام ٽيبلٽ به جعلي آهي، جنهن جي استعمال سان سنگين اثر پئجي سگهن ٿا.
ڊريپ خبردار ڪيو آهي ته جعلي دوائن جو استعمال مريضن جي جان لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو، تنهن ڪري ڊاڪٽرن، فارماسسٽس ۽ اسپتالن کي گهرجي ته سپلاءِ چين ۾ ايندڙ شڪي دوائن تي سخت نظر رکن.
ڊريپ عوام کان اپيل ڪئي آهي ته رڳو رجسٽرڊ فارميسيز مان ئي دوا خريد ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن مريض شڪي دوا استعمال ڪئي آهي ته فوري طور ويجهي ڊاڪٽر يا اسپتال سان رابطو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.