سنڌ حڪومت پاران بي پي ايس 5 کان 15 تائين جي نوڪرين لاءِ ڀرتي جو عمل گذريل ڪجهه سالن کان التوا جو شڪار آهي حڪومتي غفلت جي ڪري سنڌ جي هزارين بيروزگار پڙھيل لکيل نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ کان محروم آهن. تازو سنڌ جابز پورٽل ذريعي نئين نوڪرين جو اعلان ڪيو ويو، پر اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي. هن مضمون ۾ اسين هن معاملي جي تفصيلات، درخواست ڏيندڙن ۽ امتحانن ۾ شريڪ ٿيندڙن جي تعداد، حڪومتي ناڪامين، سنڌي نوجوانن تي ان جي اثرن ۽ ممڪن حلن تي روشني وجهنداسين.
گريڊ 5-15 جي نوڪرين جو پس منظر
سنڌ حڪومت 2021 ۾ اعلان ڪيو هو ته سڀني وزارتن ۽ کاتن ۾ بي پي ايس 5 کان 15 تائين جي خالي عهدن کي پرڻ لاءِ 50,000 کان وڌيڪ نوڪريون فراهم ڪيون وينديون ۽ ھن دفعي نوجوانن جي ھر ھڪ ڊپارٽمنٽ جي الڳ الڳ ٽيسٽ ڏيڻ کان بچڻ لاءِ نئين طريقي تحت ھڪ ئي ٽيسٽ وٺي کين روزگار ڏنو ويندو.انھيءَ منصوبي تحت سنڌ جي نامياري اداري آئي بي اي جي سيبا ٽيسٽنگ سروس سان معاھدو ڪيو ويو ۽ جنھن تحت هي ڀرتيون سيبا ٽيسٽنگ سروسز (STS) ذريعي ٽن ڪيٽيگرين (ميٽرڪ، انٽرميڊيئيٽ، ۽ گريجوئيشن) ۾ منعقد ڪئي وڃڻي هئي.ان بعد ٽيسٽن جا اشتھار آيا ۽ اميدوارن کان درخواست ڪئي وئي ته هو پنهنجي تعليمي قابليت جي مطابق آن لائن درخواست ڏين ۽ ٽيسٽ ۾ حصو وٺن. هر ڪيٽيگري لاءِ الڳ ٽيسٽ ڪرڻ جو طريقو لاڳو ڪيو ويو ۽ انھيءَ ھر ھڪ ٽيسٽ جي نتيجن کي ايندڙ ٽن سالن لاءِ قبوليت جوڳو قرار ڏيڻ جي قانون سازي ڪئي وئي ان وقت سنڌ حڪومت اعلان ڪيو تھ سندن سڀني محڪمن م گريڊ پنج کان پندرنھن جون لڳ ڀڳ نوي ھزار ويڪنسيون خالي آھن جن کي ھنن ٽيسٽن جي رزلٽ جي بنياد تي درخواستن وسيلي ڀريو ويندو ان دوران ٽنھي ڪيٽيگرين جا ڇالان ترتيبوار نوجوانن کان 350،350،700 جا ورتا ويا جنھن بعد گريجوئيشن ڪيٽيگري جي ٽيسٽ17 کان 22 جنوري 2023 تائين ۽ انٽرميڊيئيٽ ڪيٽيگري جي ٽيسٽ12 کان 26 جون 2023 تائين منعقد ٿي ٻنھي ٽيسٽن م لڳ ڀڳ 336,363 اميدوارن امتحان ڏنو جن مان گريجوئيشن ڪيٽيگري م 78,591 جڏھن تھ انٽرميڊيٽ ڪيٽيگري م 122,492 اميدوار چاليھ مارڪون کڻي ڪامياب قرار ڏنا ويا ۽ ميترڪ ڪيٽيگري جي ٽيسٽ جيڪا وٺڻي ھئي سا اڃا تائين ڪونھ ورتي وئي آھي ان بعد سيبا ٽيسٽنگ سروس طرفان ھر ڪيتيگري جا سرٽِفڪيٽ جاري ڪيا ويا جن جو مدو ٽي سال قرار ڏنو ويو ۽ اميدوارن کان انھن جي مد م پڻ ھر سرٽيفڪيٽ واسطي 350 جو چالان ٻيھر ورتو ويو انھن امتحانن بعد نوجوانن م اھا اميد پئدا ٿي پئي تھ ھينئر نوڪريون ڏنيون وينديون ۽ بيروزگاري م ڪجهه حد تائين گھٽتائي ايندي ۽ سنڌ جو نوجوان پنھنجي محنت قابليت جي عزت ڀرئي روزگار سان لڳندو ڪجهه عرصي بعد يوسي سيڪريٽري سميت ڪجهه نوڪرين جا اشتھار انھن ڪيٽيگري پاس اميدوارن لاءِ جاري ڪيا ويا جنھن سبب وري ھزارين نوجوانن وري انھن م اپلائي ڪيو ۽ سڀئي ڊاڪيومنٽس نوڪرين جي اشتھارن اورن محڪمن ڏانھن ڪوريئر وسيلي موڪليا جن ۾ سنڌ ايجوڪيشن دپارٽمنٽ طرفان 2023 ۾ مانيٽرنگ اسسٽنٽ جي عهدن لاءِ گريجوئيشن ڪيٽيگري جي ٽيسٽ جي بنياد تي اشتهار ڏنو ويو هو پر ان بعد انھن م ڪابھ اڳڀرائي نھ ٿي پر سنڌ جو نوجوان رڳو آشرن اميدن م رھي انھي نوڪرين جو انتظار ڪندو رھيو رھيو، پر 2025 ۾ ساڳئي عهدي لاءِ هڪ الڳ اشتهار جاري ڪيوڪري درخواستون گھرايون ويون ۽ نوان 1500 جا چالان وٺي ٽيسٽ ورتي وئي جيڪا ھينئر 18 مئي 2025 تي ورتي وئي آھي. سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي غفلت هن ڀرتي جي عمل کي مڪمل طور تي سواليا بڻائي ڇڏيو آھي۽ هيٺيان نقطا حڪومتي غفلت جي واضح عڪاسي ڪن ٿا:
2022 ۽ 2023 ۾ ٿيل ٽيسٽن جا نتيجا جاري ٿيا، پر ڪيترن ئي ڪامياب اميدوارن کي اڃا تائين نوڪريون نه ڏنيون ويون آهن. سرٽيفڪيٽ جي مدت 2026 تائين رکي وئي آهي جيڪا پڻ مٿين سال ختم ٿي رھي آھي ۽ تقررين ۾ دير جي ڪري اميدوارن جي محنتون ضايع ۽ نوڪرين لاءِ سندن اکين م اوتيل خواب مرڻ لڳا آهن. آئي بي اي انتظاميا سرڪاري حڪمن جي مطابق، نتيجن جي بنياد تي کاتن کي اميدوارن جي فهرست موڪلي وئي، پر انٽرويوز ۽ تقررين جو عمل سست رفتاري جو شڪار آهي.o ميٽرڪ ڪيٽيگري جا ٽيسٽ اڃا تائين منعقد نه ٿيا آهن، جيتوڻيڪ هن ڪيٽيگري لاءِ هزارين اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون هيون. هي حڪومتي واعدن جي خلاف ورزي ۽ بدانتظامي جي واضح مثال آهي.
2023 ۾ مانيٽرنگ اسسٽنٽ جي عهدن لاءِ گريجوئيشن ڪيٽيگري جي ٽيسٽ جي بنياد تي اشتهار ڏنو ويو هو، پر 2025 ۾ ساڳئي عهدي لاءِ هڪ نئون اشتهار جاري ڪري ٻيھر ٽيسٽ ورتي وئي آھي ، جيڪو اڳوڻي ٽيسٽ جي نتيجن کي نظرانداز ڪري ٿو. ان سان اميدوارن ۾ الجهن ۽ عدم اعتماد پيدا ٿيو آهي. ھينئر وري سنڌ م گريجوئيشن ڪيٽيگري جي ٽيسٽ جو اعلان ڪيو ويو ۽ نوجوانن کان ٻيھر ڇالان ورتو ويو ان عمل پڻ حڪومتي غير سنجيدگي کي ظاھر ڪري پئي تھ ھڪڙيون ٽِيسٽون جيڪي ورتيون ويون آھن انھن جي نوڪرين جا اشتھار اڃا آيا ئي ناھن وري نوجوانن سان ھي نئون مذاق ڪيو پيو وڃي جيڪي سالن کان ھيترا پئسا خرچ ڪري نوڪرين جي آسرن م پنھنجي عمر وڃائي رھيا آھن
سنڌ حڪومت طرفان آئي بي اي جي مدد سان نئين جابز پورتل جو اعلان ڪيو ويو جنھن م اھو جواز ڏنو ويو تھ نوجوانن جي ڊآڪويمنٽن جي خرچن کي بچائڻ خاطر ھڪ نئون جاب پورٽل سنڌ حڪومت طرفان تيار ڪيو پيو وڃي جينئن نوجوان گھر ويٺي ايندڙ نوڪرين م اپلائي ڪري سگھن ۽ انجو افتتاح بلاول ڀٽو زرداري کان ڪرايو ويو ۽ اھو پڻ اعلان ڪيو ويو تھ اپريل جي مھيني م ان پورٽل تي نوڪرين جا اشتھار اچڻ شروع ٿيندا پر ھينئر تائين ان م ڪابھ پيش رفت ناھي ٿي سگھي ھوڏانھن سنڌ ۾هن صورتحال جو سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جي نوجوانن کي ٿيو آهي، جن پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪرين جا خواب ڏٺا هزارين نوجوان، جن ٽيسٽ جي تياري لاءِ وقت ۽ پئسا خرچ ڪيا، هاڻي بيروزگاري جو شڪار آهن. سرٽيفڪيٽ جي مدت 2026 تائين ھجڻ جي باوجود، نوڪرين جي عدم فراهمي سان انهن جي محنت رائيگاڻ ٿيندي نظر اچي ٿي.بيروزگاري جي ڪري نوجوانن ۾ مايوسي ۽ ذهني دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جيڪو سماجي مسئلن کي جنم ڏئي سگهي ٿو. ٻئي طرف اميدوارن درخواست فيس (350 کان 1,750 روپيا في ڪيٽيگري)، تياري جي خرچن، ۽ ٽيسٽ سينٽرن تائين سفر لاءِ هزارين روپيا خرچ ڪيا. نوڪرين جي عدم فراهمي سان سندن هي خرچ بھ ضايع ٿيو ڪيترن ئي نوجوانن نوڪرين جي تياري لاءِ اعلي تعليم يا ٻيا ڪيريئر جا موقعا ڇڏي ڏنا.
هاڻي جڏهن نوڪريون نه ملي رهيون آھن تھ سندن اڳيان ھڪ غير يقيني واري صورتحال آھي جنھن سبب سماج م وري بيچيني جنم پئي وٺي هن مسئلي کي سنڌ حڪومت کي سنجيدگي سان ڏسي انکي جلد ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻو پوندو ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو ڪامياب اميدوارن جي فهرست جي بنياد تي فوري طور تي انٽرويوز ۽ تقررين جو عمل شروع ڪري. سرٽيفڪيٽ جي مدت (2026) ختم ٿيڻ کان اڳ سڀ آساميون پريون وڃن. گڏوگڏ ميٽرڪ ڪيٽيگري جي ٽيسٽ کي فوري طور تي منعقد ڪيو وڃي ته جيئن هن ڪيٽيگري جي اميدوارن کي موقعو ملي سگهي. ٽيسٽ جي شيڊول ۽ نتيجن کي شفاف طريقي سان شايع ڪيو وڃي سنڌ جابز پورٽل کي مڪمل طور تي جلد کان جلد فعال ڪيو وڃي اتي سڀني ڀرتي جي مرحلن (درخواستون، ٽيسٽ، نتيجا، انٽرويوز، ۽ تقرريون) جي معلومات عوامي طور تي شايع ڪئي وڃي ۽ اميدوارن کي باقاعدي اپڊيٽس SMS ۽ اي ميل ذريعي موڪلڻ جا جوڳا انتظام ڪيا وڃن گڏوگڏ سنڌ حڪومت کي آئي بي اي سکر سان باقائدا طور تي ڳالھايو وڃي تھ انھن جي ٽيسٽٽنگ جي عمل م جيڪي جھول آھن انھن کي حل ڪيو وڃي ڇوتھ سيبا ٽيسٽنگ سروسز ۽ IBA کي پنهنجي ويب سائيٽن ۽ مواصلاتي نظام جي بھتر نھ ھجڻ ڪري نوجوان پورٽل سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ تمام پريشآني کي منھن ڏين ٿا ان لاءِ ائي ي اي کي پنھنجي ويس پورٽل کي بهتر بڻائڻ گهرجي ته جيئن اميدوارن کي ٽيڪنيڪل مسئلن جو سامنا نه ڪرڻو پوي. جيڪڏهن سرٽيفڪيٽ جي مدت ختم ٿي وڃي ٿي تھ نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن تھ اھا سنڌ نوجوانن سان سڌي سنئين نا انصافي ھوندي جنھن لاءِ اميدوارن کي گهرجي ته هو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪن ته جيئن انهن جي حقن جو تحفظ ٿي سگهي. ۽ سنڌ حڪومت جي نا اھلي سبب نوجوانن جي حقن تي ڪو راتاھو نھ لڳي سگھي
گريڊ 5 کان 15 تائين جي عهدن لاءِ سنڌ حڪومت جو ڀرتي پروگرام هڪ سٺو اقدام هو، پر حڪومتي غفلت، غير شفاف عمل، ۽ بار بار نوان اشتهارن ھن صرف انھي عمل کي ناڪام بڻايو آهي پر ميٽرڪ ڪيٽيگري جي ٽيسٽ جو نه ٿيڻ ۽ مانيٽرنگ اسسٽنٽ سميت مخلتف نوڪرين لاءِ ٻيهر اشتهارن اميدوارن ۾ الجهن ۽ مايوسي کي وڌايو آهي. هزارين سنڌي نوجوان، جن هن عمل تي ڀروسو ڪيو، هاڻي بيروزگاري جو شڪار آهن. حڪومت کي فوري طور تي هن عمل کي شفاف بڻائڻ، تقرريون مڪمل ڪرڻ، ميٽرڪ ڪيٽيگري جا ٽيسٽ منعقد ڪرڻ، ۽ نوجوانن لاءِ متبادل موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هي مسئلا حل نه ٿيا، ته نه رڳو سنڌ جي نوجوانن جو مستقبل خطري ۾ پوندو، پر صوبي جي معاشي ۽ سماجي ترقي پڻ متاثر ٿيندي.
سنڌ جي نوجوانن جي صلاحيتن کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هر سطح تي سنجيده ڪوششن جي ضرورت آهي. هي وقت آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪري ۽ پنهنجن واعدن تي عمل ڪري.