تاريخ جي دستاويز تان دز لاهيندڙ معصوم ٿري

تحرير: لجپت راءِ

دنيا ۾ يونان جي جڳ مشهور تاريخدان هيروڊوٽس کي پهريون تاريخ لکندڙ مڃيو وڃي ٿو، پنجين صدي قبل مسيح ڌاري تاريخ لکندڙ هيروڊوٽس کي“تاريخ جو ابو” چيو ويندو آهي.  the histories  هن جو ڪتاب اڄ به دنيا جي تاريخ جو دستاويز آهي. دستاويز تاريخ جي ڪٻٺن ۾ ڪپڙن ۾ ويڙهيل صدين تائين پيا هوندا آهن ، دستاويزن تي دز چڙهي ويندي آهي ، دستاويز اڏوهي جو کاڄ بڻجي ويندا آهن. دستاويزن کي ڪڏهن ڪڏهن اوچتو باهيون لڳي وينديون آهن ۽ ايئن اهي رک ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. دستاويزن تان دز ڇنڊڻ اوکو ڪم آهي، دستاويزن کي اڏوهي جو کاڄ ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي، دستاويزن کي ردي ٿيڻ بدران تاريخ جا دستاويز ڪيئن بڻائجي؟ اهو جوکم جو اوکو ڪم سنڌ ڌرتي جي درواڙ جواڻ جماڻ پٽ معصوم ٿري ڪري ڏيکاريو.

پراڻ جي پٽن جي ليکاري معصوم ٿري ٻوهه جي ٻهڪڻ ۽ اڪ ڦلي جي اک منجهان نهاري تاريخ لکي آهي. هن جو ڪتاب “ڪارونجهر تاريخ جو دستاويز ” سچ پچ  تاريخ جو هڪ اهڙو دستاويز آهي جنهن تي هاڻي تاريخ جي دز چڙهي نٿي سگهي. ڇوته هن اهڙو شاهڪار ۽ تاريخي ڪتاب لکيو آهي جيڪو تاريخ جو ترورو آهي. معصوم ٿري جو ڪتاب تاريخ جي جهروڪي مان سج جو ليئو آهي. هي ڪتاب ڪارونجهر مان وهي ايندڙ جهرڻو آهي، هي ڪتاب ڀٽياڻي ندي جي رواني ۽ گورڌڙو جي لهر آهي. هي ڪارونجهر جي اتاهين چوٽي آهي جتان تاريخ جي اهڃاڻن کي جبل جي اک سان ڏسي سگهجي ٿو. سامروٽي پبليڪيشن جو ڇپايل هي ڪتاب تاريخ جو دستاويز بڻجي ويو آهي. معصوم ٿري جي اک تاريخ کي پولارن ۾ خالي پڻي کي پڙهيو آهي. هن پاتارن ۾ وڃي ڌرتي جا تهه ڦلهوريا آهن. هن رندن مٿان رت هاري پنڌ ۾ پير پٿون ڪيا آهن. معصوم ٿري جو هي ڪتاب ڪارونجهر جي ڪولهي ٻار جي معصوم مرڪ جهڙو آهي.  هي ڪتاب ايئن آهي ڄڻ ڪارونجهر جي ڪنوار پنهنجي منهن تان گهونگهٽ لاٿو هجي ۽ حسن جا تجلا جبل کي جرڪائي رهيا آهن. ٻن حصن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ معصوم ٿري تاريخ جي آڏاڻي تي ململ ۽ هرک کي اڻيو آهي. هن اسوءَ جي مينهن جون اوڙڪون وسايون آهن.

“ڪارونجهر تاريخ جو دستاويز ” ڪتاب ۾ معصوم ٿري سنڌ جي ارتقا کي ڳولڻ جو گس ڏسيو آهي. رگ ويد ۾ سنڌ جي ذڪر کي هن کولي بيان ڪيو آهي ۽ سنڌو ماٿري جي قديم تهذيب کي نروار ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻي تي لڳندڙ مهاڀارت يڌ کان اڳ جي جنگ جو ذڪر پڙهندڙن لاءِ هڪ نئين کوجنا آهي. معصوم ٿري ڪارونجهر جو اوائلي نالو پارياتر جو تفصيل سان ذڪر ڪري هڪ نئون بحث ڇيڙيو آهي.هن ڪتاب ۾ تاريخي توڙي تحقيقي حوالي سان نواڻ آهي ۽ تاريخي ڇنڊڇاڻ ڪندي هن پاڻ کي عقلي اڪابر طور مڃايو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪارونجهر جي قديم آستانن توڙي ان بابت جيڪي روايتون آهن ان تي نئين تحقيق ڪري نوان دڳ نروار ڪيا ويا آهن ۽ تاريخي طور تي حيرت انگيز انڪشاف ڪري معصوم ٿري وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. ايئن چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته معصوم ٿري ڄڻ ڪارونجهر جي نه رڳو هر واهڻ پر پٿر پٿر تي نئين سر ۽ نئين انداز ۾ تحقيق ڪئي هجي.سپت سنڌو ديس جو سپوت معصوم ٿري سووير سنڌ جي اوچو ڳاٽ ڪري بيٺل ڪارونجهر ۽ ڪڇ جي ڳانڍاپي کي اجاڳر ڪيو آهي. پاتال، ڪڪرالو ، آبو جبل، لوڻي ندي، مڳڌ، دوارڪا ، ڪمبوجا، ڪوسمي، پاٽلي پتر جو ڪارونجهر جي نگري سان  ارتقائي تاريخي ، تهذيبي ۽ ثقافتي ڳانڍاپي کي نروار ڪري معصوم ٿري پاڻ موکيو آهي. ڍولاويرا کان ويراواهه ۽ کنڀات جي ڪارن ڏونگرن کان ڏونگري تائين جي پٽن تي پکڙيل تاريخ کي ڪارونجهر تاريخ جو دستاويز ۾ دستاويزي شڪل ڏني وئي آهي. گوڙي مندر ، راجا ساليواهن جي راڄڌاني ۽ سڏونت ۽ سارنگا جي وطن پاري ننگر کان ويندي هن ڪتاب ۾ ڪارونجهر جي تاريخي ڪٿا جي نرالي نموني اپٽار ڪئي وئي آهي.

معصوم ٿري “ڪارونجهر تاريخ دستاويز” ڪتاب لکي ثبوتن سان ڪارونجهر کي تاريخي دستاويز ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ويدڪ دور جي ڇنڊڇاڻ کان وٺي پاري ننگر يعني جي رهاڪن کي پاري جي نسبت کان ويندي هن ڪارونجهر کي پارياتر جبل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ تاريخي طور کوڙ سوال پڻ اٿاريا آهن. پاريڪ مان پارڪر ۽ ڪوسمي مان ڪاسٻو کان ويندي ڪمڀا واهه، هاڪڙو ، نارو ، ڪوري نار کان ويندي سانگها ڍنڍ، ڪيراڪوٽ ۽ ڪڪرالو کان کان ڪڇ جي ڀاڪر ۾ ڀريل ڪارونجهر جبل کي معصوم ٿري تاريخ ۾ نئين سر نروار ڪيو آهي. پاتال کان پاري ننگر ۽ ڀوڏيسر جي ڀونءَ ۽ پاراسر ، ڪوي ڪاليداس ۽ وراهه مهر جي مهما تائين هن ڪتاب ۾ تاريخ جا گوناگون رنگ شامل آهن. آبو جبل کان بدريشر نگري تائين معصوم ٿري تاريخ جو منجهيل سٽ سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪارن ڏونگرن جي قطار جو ڪارونجهر جبل لڳ ڀڳ اڍائي ارب سالن کان سنڌ جي ڏاکڻي ڇيڙي تي اڀو ڪڇ کي ڀاڪر ۾ ڀريو بيٺو آهي. ڪارونجهر فطري ميوزيم هجڻ سان گڏوگڏ تاريخي حوالي سان سنڌ جي ماٿي جو جهومر پڻ آهي. ڪارونجهر جبل ۾ قديم اهڃاڻن تي معصوم ٿري تفصيلي ۽ تاريخي ڇنڊڇاڻ ڪري هڪ اهڙو دستايز تيار ڪيو آهي جيڪو ڪارونجهر وانگر سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڳجهو رهڻو ناهي. معصوم ٿري جو هي تاريخي پورهيو تاريخ جي صفحن ۾ رقم ٿي تاريخ جي گئلري ۾ هڪ شاهڪار طور نمايان نظر ايندو.هي ڪتاب ايندڙ دور ۾ وڌيڪ کوجنا ڪندڙن لاءِ رهنمائي آهي جنهن مان نيون تاريخي راهون کلنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.