خضدار ۾ اسڪول بس تي حملو، ٽن شاگردياڻين سميت پنج ڄڻا شهيد

خضدار (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ زيرو پوائنٽ جي ويجهو اسڪول ويندڙ شاگردن جي بس کي ڌماڪي سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن شاگردياڻين سميت پنج ڄڻا شهيد، جڏهن ته ڪيترائي ٻار زخمي ٿي پيا آهن.  سيڪيورٽي ذريعن موجب، شهيد شاگردياڻين ۾ ڇهين درجي جي ثانيا سومرو، ستين جماعت جي حفظه ڪوثر ۽ ڏهين درجي جي عائشه سليم شامل آهن، ڌماڪي ۾ بس جو ڊرائيور ۽ هيلپر پڻ شهيد ٿيا. زخمين کي فوري طور اسپتال نيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، خضدار ۾ ٿيل دهشتگرد حملو هڪ بزدلاڻو عمل آهي، جنهن ۾ اسڪول جي معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته حملي جي رٿابندي ڀارت اندر ڪئي وئي، جڏهن ته بلوچستان ۾ ڀارتي پراڪسيز ان کي عملي جامو پهرايو. ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته   بزدل دهشتگردن خضدار ۾ اسڪول بس تي ڪار بم حملي ذريعي معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو آهي، زخمين کي ايئرلفٽ ذريعي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي. حملي ۾ ملوث هر دهشتگرد کي چونڊي چونڊي جهنم ڀيڙو ڪيو ويندو.هوڏانهن سي ايم ايڇ ڪوئيٽا جي انتظاميا موجب، حملي جا 14 زخمي جن ۾ هڪ عورت، هڪ مرد ۽ 12 ٻار شامل آهن جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.