پاڪ، ڀارت ۾ ايٽمي تڪرار بيوقوفي هوندي، جنگ مڙهي وئي ته جواب ڏينداسين\ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستاني فوج جي ترجمان، ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ايٽمي جنگ "سراسري بيوقوفي” هوندي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ اهڙي راهه آهي جيڪا ٻنهيملڪن لاءِ "ٻڌي تباهي” جو سبب بڻجي سگهي ٿي، تنهنڪري اها (ايٽمي جنگ) "ناقابل تصور ۽ غيرمعقول خيال” هجڻ گهرجي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازين ڇڪتاڻن کان پوءِ، پاڪستان جي فوج جي ترجمان ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چودھري ڪيترن ئي بين الاقوامي ادارن کي انٽرويو ڏنا، جن ۾ بي بي سي به شامل آهي. بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته پاڪستان هر وقت ان لاءِ تيار آهي. ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ممڪن جنگ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت جنهن ريت مغرور ٿي بيانيي کي وڌائي رهيو آهي، اهو هڪ اهڙو تڪرار آهي جنهن ۾ "چڻنگ ڪنهن به وقت ڀڀڙ ٿي سگهجي ٿي.” جڏهن ان کان پڇيو ويو ته ڇا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ايٽمي جنگ جو حقيقي امڪان آهي يا اهو اڃا به رڳو روڪ جو ذريعو آهي؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پنهنجي بيانيي جي ڪري باهه سان کيڏي رهيو آهي. ”پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي رياستون آهن، انهن جي وچ ۾ فوجي تڪرار انتهائي بيوقوفي واري ڳالهه آهي. اها ڳالهه ناقابل تصور ۽ غير معقول آهي. پر توهان ڏسي رهيا آهيو ته ڪجهه وقت کان وٺي ڀارت اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جتي فوجي تڪرار لاءِ جاءِ ٺهي.“هن وڌيڪ چيو ته، ”اسان ڏسون ٿا ته هر ڪجهه سالن بعد هڪ ڪوڙو بيانيو ٺاهيو ويندو آهي. هن چيو ته تازن ڏينهن ۾ جيڪي حالتون پيدا ٿيون، انهن ۾ پاڪستان ”تمام ذميواريءَ سان“ ردعمل ڏنو ۽ ڇڪتاڻ کي وڌڻ کان روڪيو. جيڪڏهن ڪنهن شدت پسندي جي واقعي ۾ ڪنهن پاڪستاني شهري جي ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن ته ”اسان کي ثبوت ڏنا وڃن، اسان پاڻ ان خلاف ڪارروائي ڪنداسين.“ ياد رهي ته ڀارتي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ پهلگام حملي کان پوءِ 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت پاڪستان جي ڪجهه علائقن تي فضائي حملا ڪيا، جنهن کان پوءِ پاڪستان به فضائي ڪارروائيون ڪئي، ۽ نيٺ 88 ڪلاڪن جي فوجي عمل کانپوءِ ٻنهي ملڪن سيلفائر تي اتفاق ڪيو. بي بي سي سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري وڌيڪ چيو ته، ”اسان امن کي ترجيح ڏيندا آهيون، اسان امن سان محبت رکون ٿا، اسان هن وقت پاڪستان ۾ امن جو جشن ملهائي رهيا آهيون. پر اسان هميشه جنگ لاءِ تيار رهندا آهيون… ۽ جيڪڏهن جنگ گهرجي، ته پوءِ جنگ ئي سهي.“جڏهن ان کان پڇيو ويو ته ڇا جنگ اڃا به هڪ آپشن طور موجود آهي، ته ڊي جي آءِ ايس پي آر چيوته ڀارتي حڪومت ۾ ”ڪوبه به پهلگام واري واقعي بابت سخت سوال نه پڇي رهيو آهي. ڪوبه نه ٿو پڇي ته ايترو وڏو سيڪيورٽي ناڪامي آخر ڪيئن ٿي؟ ڪنهن کي انهن واقعن جي پٺيان موجود سببن کي سمجهڻ ۾ دلچسپي نه آهي. اهي انهن آوازَن کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن جيڪي ظلم ۽ زيادتي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. اهي واقعا ان ئي ناانصافي جو نتيجو آهن، جيڪي اهي پاڻ ڪري رهيا آهن.“ ڊي جي آءِ ايس پي آر بئڪ چينل رابطا بابت لاعلميءَ جو اظهار ڪندي چيو: **”ان سوال جو جواب پرڏيهي وزارت ڏئي سگهي ٿي. سياست ۽ سفارتڪاري جا معاملا اسان جي دائري ۾ نه ٿا اچن. اسان حصيدار ضرور آهيون، پر اتي مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ نه آهيون.“  هن وڌيڪ چيو پاڪستان هن تڪرار کي تمام ذميواريءَ سان سنڀاليو. 6 ۽ 7 مئي جي رات اسان دفاع ۾ ڀرپور جواب ڏنو ۽ انهن جا 6 جهاز ماريا. اسان ان کان به وڌيڪ ڪري سگهون ها، پر قيادت تمام ذميوار هئي ۽ سوجهي فيصلا ڪري رهي هئي.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته”9 ۽ 10 مئي جي وچ واري رات پاڪستان ڀارت ۽ ڀارتي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ سندن دفاعي تنصيبات کي نشانو بڻايو. اهو جواب حساب ڪتاب سان، مربوط ۽ متناسب هو. هيءَ محدود سطح تي اسان جي روايتي فوجي طاقت جو مظاهرو هو. اها اسان جي ٽيڪنيڪل صلاحيت جو ننڍو پر انتهائي اثرائتو اظهار هو. ان کان پوءِ توهان ڏٺو ته ڀارت پوئتي هٽڻ شروع ڪيو، اوچتو اهي ڳالهه ٻولهه جي ڳالهه ڪرڻ لڳا ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي خواهش جو اظهار ڪرڻ لڳا. 6 ۽ 7 مئي جي رات واري حملن کان پوءِ ڀارت جي ڊي جي ملٽري آپريشنز اسان سان رابطو ڪيو ۽ ڳالهه ٻولهه جي خواهش جو اظهار ڪيو. اسان صاف ڪري ڇڏيو ته اسان رڳو تڏهن ڳالهائينداسين جڏهن اسان پنهنجو جواب ڏئي چڪا هونداسين. اسان جو جواب 10 مئي جي صبح آيو. ان کانپوءِ توهان ڏٺو ته انهن جو فوجي ترجمان ڀارتي ٽي وي چينلن تي اچي رڪارڊ تي چيو ته اهي جنگ کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ نٿا چاهين، بشرطيڪه پاڪستان وڌيڪ حملو نه ڪري.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان هميشه چوندا آيا آهيون ته اسان هڪ امن پسند قوم آهيون. اسان ئي ڇڪتاڻ کي ڪنٽرول ۾ رکيو. انهن جي طرفان درخواست موجود هئي ۽ بين الاقوامي ٽياڪڙ به ان عمل ۾ شامل هئا. صدر ٽرمپ جي قيادت کي به ڪريڊٽ ڏيڻ گهرجي، اهو قابل تعريف آهي. جيڪي ٻاهريان عنصر ملوث هئا، انهن جي به اها ئي خواهش هئي، ۽ ڀارتي پاسي به عوامي سطح تي چيو ته اهي وڌيڪ ڇڪتاڻ نٿا چاهين. ته پوءِ اسان چيو: ڇو نه؟“  ”ڀارت ۾ حد کان وڌيڪ خود اعتمادي آهي. اهي سمجهن ٿا ته پاڪستان هڪ ڪمزور ملڪ آهي ۽ اهي اسان سان جيڪي چاهين سو ڪري سگهن ٿا. ان غرور کي اسان هن تڪرار دوران ڪيترين ئي سطح تي ٽوڙي ڇڏيو. ته پوءِ جڏهن اهي دعويٰ ڪن ٿا ته انهن اسان کي اڳواٽ اطلاع ڏني هئي، ته اسان جو چوڻ آهي ته اسان کي توهان جي ڪنهن اطلاع جي ضرورت ناهي. اسان کي خبر آهي ته توهان ڪهڙي قسم جا حريف آهيو ۽ توهان جون صلاحيتون ڇا آهن. مان هڪ فوجي طور توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو ته اسان انهن کي تمام غور سان ڏسون ٿا – اهي ڇا ڪري رهيا آهن ۽ ڇو؟ اسان هميشه خبردار ۽ تيار رهون ٿا. ان سوال تي ته ڀارتي فوج جو دعويٰ آهي ته انهن بهاولپور ۾ مبينا طور تي جيش محمد جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اهو ڀارت جو پراڻو بيانيو آهي، جيڪو بار بار ورجايو پيو وڃي. انهن بهاولپور، مريدڪي ۽ مظفرآباد ۾ جن جڳهين کي نشانو بڻايو، اهي سڀ مساجد هيون. ميڊيا کي ٻئي ڏينهن انهن هنڌن تي وٺي وڃو ويو. ڇا اهو ممڪن آهي ته رات جو اتي دهشتگرد ۽ انهن جا ڪيمپس موجود هجن، ۽ صرف چند ڪلاڪن اندر، سئنڪرن ماڻهن جي وچ ۾، سڀ نشانيون مٽي وڃن؟ انهن وٽ انهن الزامن کي ثابت ڪرڻ لاءِ نه ڪو ثبوت آهي، نه ڪو منطق… حڪومت پاڪستان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن انهن وٽ ڪو ثبوت آهي ته آڻين، اسان جاچ ڪنداسين. پر اهي ان لاءِ به تيار ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.