وزيراعظم ۽ فیيلڊ مارشل ڪوئيٽا پهتا، زخمي ٻارن جي عيادت

ڪوئيٽا(م ڊ)وزيراعظم شهباز شريف ۽ فیلڊ مارشل عاصم منير ڪوئٽه جو دورو ڪيو ۽ اسڪول بس تي ٿيل خودڪش حملي ۾ زخمي ٻارن جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته  "حملي ۾ زخمي ٿيل اٺ ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ڀارتي پراڪسيز ذريعي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي مذموم ڪوشش ناڪام ٿيندي، سڄي قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته "بلوچ ۽ پشتون عوام دهشت گردي کي رد ڪري چڪا آهن، هاڻ دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ جو وقت اچي ويو آهي، دهشت گردن کي جلد انجام تائين پهچايو ويندو.فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته”ٻارن تي حملو ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪيو ويو، ڀارت جي رياستي پاليسي تحت پراڪسيز جو استعمال قابل مذمت آهي.”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.