اسلام آباد(بيورو+م ڊ)نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي عملدارن سينيٽ جي موسمياتي کاتي بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته هلندڙ سال مون سون جي مند دوران 300 ملي ميٽر تائين برساتون ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته پنجاب ۾ 300 کان 380 ملي ميٽر تائين برساتون ٿيڻ جو امڪان آهي، مون سون جي موسم ۾ ڪلائوڊ برسٽ ٿيڻ جا واقعا به وڌيڪ ٿيندا، سينيٽ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ اين ڊي ايم اي اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ اين ڊي ايم اي طرفان خاص طور تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي، عملدارن آفتن سان نڀائڻ ۽ ابتدائي وارننگن بابت تفصيل سان آگاهي ڏني، اين ڊي ايم اي جي عملدارن ٻڌايو ته ملڪ ۾ موجوده هيٽ ويو بابت 6 مهينا اڳ ئي ايڊوائزري جاري ڪئي وئي هئي، مون سون جو موسم جولاءِ کان 15 سيپٽمبر تائين جاري رهندو ۽ پاڪستان ۾ 26 يا 27 جون تي مون سون داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.