لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ريلوي واري وزير حنيف عباسي عيدالاضحيٰ تي 5 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ريلوي ترجمان موجب پهرين عيد اسپيشل ٽرين 2 جون تي منجهند هڪ وڳي ڪراچي کان لاهور رواني ٿيندي، ٻي عيد اسپيشل ٽرين 3 جون تي صبح 10 وڳي ڪوئيٽا کان پشاور ويندي.
ترجمان ٻڌايو ته ٽين خاص ريل گاڏي لاهور کان ڪراچي لاءِ 3 جون تي، چوٿين ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ 3 جون تي ئي رات جو رواني ٿيندي، جڏهن ته پنجين عيد اسپيشل ٽرين ڪراچي کان لاهور لاءِ 4 جون تي رات جو 8 وڳي رواني ٿيندي.
ترجمان موجب عيد اسپيشل ٽرينن جو مقصد مسافرن کي وقتائتي ۽ معياري سفري سهولت فراهم ڪرڻ آهي.
You might also like