اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ نور مقدم قتل ڪيس ۾ مک جوابدار ظاهر جعفر جي اپيل رد ڪندي سندس موت واري سزا برقرار رکڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ مختصر فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس علي باقر نجفي شامل هئا. عدالتي فيصلي مطابق، ظاهر جعفر تي قتل جي قلمن هيٺ موت جي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته زيادتي جي قلم ۾ موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو ويو. اغوا جي الزام هيٺ ڏنل 10 سال قيد جي سزا کي گهٽائي هڪ سال ڪيو ويو. عدالت نور مقدم جي خاندان کي معاوضي جي ادائگي جو حڪم به برقرار رکيو. عدالت ظاهر جعفر جي نوڪر جان محمد ۽ چوڪيدار افتخار بابت قرار ڏنو ته انهن جي ڪاٽيل سزا ڪافي آهي، ۽ عدالتي لکيل حڪم اچڻ کان پوءِ انهن کي آزاد ڪيو ويندو. سرڪاري وڪيل چيو ته رياست چاهي ٿي ته اهڙن ڏوهن تي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن معاشرو محفوظ بڻجي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هي ڪيس ليونگ ريليشنشپ ۽ منشيات جي استعمال جي خطرناڪ حقيقتن کي به ظاهر ڪري ٿو. عدالت اهو پڻ چيو ته نوجوانن کي منشيات جي پهچ ۾ پوليس جي عمل دخل جو جائزو وٺڻ گهرجي.