سکر/ڪراچي ( رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ۽ بدامني عوام لاءِ وڏو عذاب بڻجي ويا آهن. امن قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ڏوهارين، ظالم وڏيرن ۽ پوليس جي ڪاري رڍن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙيو وڃي. جمعو 23 مئي تي جماعت اسلامي پاران سموري سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.اھڙن خيالن جو اظھار هن اڄ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ضلعي اميرن جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيون. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جا نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا حزب الله جکرو پڻ موجود هئا.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ بااثر ماڻهن طرفان موجود پاڻي تي ڌاڙو حڪومت جي ناڪامي ۽ آبپاشي کاتي جي عملي جي ملي ڀڳت جو نتيجو آهي. سنڌوءَ تي ڪئنال جي اڏاوت ۽ گرين پاڪستان منصوبي جي نالي تي وسيلن تي قبضي جي سازش ڪئي پئي وڃي.سکر-حيدرآباد موٽروي ۾ دير، پاڻي جي ورڇ، اين ايف سي ايوارڊ ۽ زمينن تي قبضي جهڙين سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف عوام جو پرامن احتجاج فطري عمل آهي.