ججن جا هٿ ٻڌل آهن،اسٽيبلشمينٽ سان پاڻ ڳالهائڻ چاهيان ٿو: عمران خان

 راولپنڊي(م ڊ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ تيار آهي ته مان پاڻ سڌو رابطو ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته حڪومت سان ڳالهه ٻولهه کان انڪار ڪيو هو، پراسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جا دروازا ڪڏهن به بند نه ڪيا. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کان پوءِ، عليما خان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ ٽن اهم ڳالهين جي وضاحت ڪئي آهي. عمران خان چيو ته مسلم ليگ (ن) سان ڪنهن به صورت ۾ ڳالهه نه ٿيندي، ڇو ته (ن) ليگ ملڪ جي اخلاقي قدرن کي ختم ڪيو آهي. هن "امر بالمعروف” جي اصول تي زور ڏنو ته سچ سان بيهڻ ضروري آهي. عليمه خان موجب، عمران خان چيو ته "جيڪي اين آر او ڏين ٿا، اُهي سچ نٿا ڳالهائي سگهن.” هن ڊاڪٽر ياسمين راشد، عندليب عباس ۽ شاهه محمود قريشي جو حوالو ڏنو ته اهي جيل ۾ قيد آهن، حالانڪه سائفر ڪيس ختم ٿي چڪو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته 26هين آئيني ترميم کان پوءِ انصاف دفن ٿي چڪو آهي، عدالتون به مجبور آهن. ججن چون ٿا ته سندن هٿ ٻڌل آهن. هن چيو ته 26هين ترميم جي مخالفت ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ملڪ لاءِ ڳالهه ڪرڻ چاهي ته هو تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام روز پڇي ٿو ته ڪا ڊيل ٿي رهي آهي؟ 26هين ترميم تي پارليامينٽ ۾ آواز اٿارڻ گهرجي. عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ چاهي ته سڌو منهنجي سان رابطو ڪري سگهي ٿي، ۽ ڊيل جي ڪا ڳالهه ناهي، ڳالهه صرف ملڪ جي ڀلائي لاءِ ٿيندي. عليمه خان چيو ته آرمي چيف کي فِيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ بابت ڳالهائڻ مناسب ناهي. بئرسٽر گوهر علي خان ملاقات کان پوءِ چيو ته باني سان ملاقات ٿي آهي. اسان ان هائوس تبديلي جي ڳالهه جي ترديد ڪري چڪا آهيون. عمران خان چيو ته هاڻ اتحاد جو وقت آهي، ۽ پارٽي کي فوج سان گڏ هجڻ گهرجي.  هن چيو ته ملڪ کي اتحاد جي طرف وٺي وڃڻ گهرجي. باني جو پورو بيان سيڪريٽري انفارميشن جاري ڪندو. اسان اها خواهش ظاهر ڪئي آهي ته ڀارت کان پوءِ اسان سان به سِيْز فائر ڪيو وڃي. باني اڳ به چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه ضروري آهي. بئرسٽر گوهر چيو ته اسان ملڪ، فوج ۽ قوم سان گڏ بيٺا آهيون. صحافي جي پولِي گراف ٽيسٽ بابت سوال تي گوهر چيو ته هن معاملي تي ڪا ڳالهه ناهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.