اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزيرِ محسن نقوي، وڏن وزيرن، گورنرن ۽ ٻين سياسي اڳواڻن پاران جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي،صدرِ آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف عهدي ۾ ترقي تي مبارڪباد ڏيندي جنرل سيد عاصم منير جي خدمتن جو هڪ ڀيرو ٻيهر اعتراف ڪيو، صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وطنِ عزيز جي ڪامياب دفاع تي آرمي چيف جنرل عاصم منير فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي جو حقدار آهي، وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب شهباز شريف جو چوڻ هو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير "معرڪو حق” دوران آپريشن بنيان مرصوص ۾ پنهنجي قيادتي ۽ پيشوراڻي صلاحيتن سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، هن چيو ته جنرل عاصم منير کي الله تعاليٰ بي مثال خوبيون عطا ڪيون آهن ۽ آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي ۾ سندن بهادري، استقامت ۽ دانشمندي جو اهم ڪردار رهيو،