اسلام آبا: فيلڊ مارشل (Field Marshal) هڪ انتهائي اعليٰ فوجي عهدي جو لقب آهي، جيڪو عام طور تي ڪنهن ملڪجي بري فوج ۾ ڏنو ويندو آهي، هي عهدو جنرل کان به مٿانهون هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري اعزازي حيثيت سان ڏنو ويندو آهي، خاص ڪري انهن آفيسرن کي جن جنگين ۾ غير معمولي خدمتون سرانجام ڏنيون هجن يا ملڪ جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هجي، ڪالهه وفاقي حڪومت آرمي چيف جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏني آهي، ان کان اڳ ملڪ ۾ صرف هڪ شخص کي هي عهدو ڏنو ويو هو، جيڪو صدر جنرل محمد ايوب خان هو، جنهن کي 1959ع ۾ هي عهدو ڏنو ويو هو، فيلڊ مارشل جو هي اعزاز مسلح فوجن ۾ غير معمولي ۽ مثالي قيادت جي حوالي سان ڏنو ويندو آهي، هن عهدي سان ڪنهن خاص ڪمان جي ذميواري نه هوندي، پر هي هڪ اعزاز ۽ عزت جي علامت هوندو آهي، فيلڊ مارشل آرمي ۾ جنرل جي رينڪ کان مٿي سڀ کان وڏو عهدو آهي ۽ فيلڊ مارشل آرمي آفيسرن ۾ سڀ کان سينئر پنج اسٽار آفيسر هوندو آهي.