چيف اليڪشن ڪمشنر ملازمن تي مهربان، ڪروڙين رپين جا اعزازيا ڏئي ڇڏيا

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر اليڪشن ڪميشن جي ملازمن کي ڪروڙين رپين جا اعزازيا ڏئي ڇڏيا، دستاويزن موجب اليڪشن ڪميشن خلاف ٽربيونل ۽ عدالتن ۾ ڪيس ڪندڙ ملازمن کي اعزازيا نه مليا. دستياب دستاويزن موجب معلوم ٿيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جنوري، فيبروري، مارچ ۽ مئي جي مهينن ۾ ملازمن کي ڪروڙين رپين جا اعزازيا ڏنا آهن. اهي ڪروڙين رپين جا اعزازيا 4 مختلف مرحلن ۾ ڏنا ويا، انهن ملازمن کي اعزازيا نه ڏنا ويا جن خلاف انضباطي جاچ هلي رهيوآهي يا جن جي سالياني رپورٽن (پي اي آرز) ۾ ناڪاري رايا لکيل آهن. اليڪشن ڪميشن خلاف ٽربيونل يا عدالتن ۾ ڪيس ڪندڙ ملازمن کي به اعزازيا نه ڏنا ويا. اهي ملازم جيڪي 30 جنوري کان اڳ موڪلن تي هئا، انهن کي به اعزازيا نه مليا. اعزازيا اليڪشن ڪميشن جي چارجڊ بجيٽ مان ڏنا ويا. گريڊ 2 کان 9 تائين جي ملازمن کي 4 بنيادي پگهارون اعزازيي طور ڏنيون ويون، جڏهن ته گريڊ 11 کان 17 تائين جي ملازمن کي 3 بنيادي پگهارون اعزازيي طور ڏنيون ويون. گريڊ 18 ۽ ان کان مٿي جي ملازمن کي به بنيادي پگهارون اعزازيي طور ڏنيون ويون. اليڪشن ڪميشن جي ٻين سڀني ملازمن کي به اعزازيا مليا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.