ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا طرفان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي هٿياربند فوجن کي ڀيٽا پيش ڪندي سندن بهادري، قربانين ۽ فرض شناسي کي ڀرپور انداز سان ساراهيو ويو آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ، پي اينڊ ڊي سيڪريٽري سميت لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، اجلاس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، اجلاس دوران بحريه، فضائيه ۽ بري فوج جي شاندار خدمتن تي کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته جنهن نموني ڀارتي اڳرائيءَ جو اسان جي فوجن طرفان مقابلو ڪيو ويو، اهڙي بهادري جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سلامتي لاءِ سڀني سياسي جماعتن ۽ قوم جي يڪجهتي انتهائي ساراهڻ جوڳي آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته اسين متحد آهيون، ۽ جيڪڏهن اهو قومي اتحاد برقرار رکيو ويو ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي نقصان نٿي پهچائي سگهي.
هن زور ڀريو ته ملڪ جي يڪجهتي ئي سڀ کان وڏي طاقت آهي، جنهن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻ ضروري آهي.
ترجمان موجب، اڄوڪي اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا جي ايجنڊا ۾ 10 اهم نڪتا شامل هئا، جڏهن ته وڌيڪ 10 اضافي تجويزن تي به غور ۽ امڪاني فيصلا متوقع آهن، اجلاس دوران گذريل ڪابينا اجلاس جي منٽن جي منظوري پڻ ڏني وئي.