سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي عورت پروفيسر کي انصاف نه ملي سگهيو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ هراساني جو واقعو ظاهر، ماحولياتي سائنس جي شعبي سان تعلق رکندڙ خاتونپروفيسر پنهنجي ساٿي اسسٽنٽ پروفيسر عبدالمجيد پيرزادو خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي، الزام ثابت ٿي چڪو آهي پر ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود انصاف نه ملي سگهيو.تفصيلن موجب، سنڌ مدرستہ الاسلام يونيورسٽي جي ماحولياتي سائنس شعبي جي هڪ خاتون پروفيسر پنهنجي ساٿي اسسٽنٽ پروفيسر عبدالمجيد پيرزادي مٿان هراساني جو الزام لڳائيندي وائس چانسلر کي لکيل شڪايت جمع ڪرائي آهي. بهرحال، يونيورسٽي انتظاميه طرفان هن معاملي تي هڪ ٻئي پٺيان ڪميٽيون جوڙي ويون آهن، پر هن معاملي تي اڃا تائين ڪو خاطرخواھ فيصلو نه ڪيو ويو آهي۔اهڙو انڪشاف مٿين خاتون پروفيسر طرفان وائس چانسلر کي لکيل ٻئي خط ۾ ڪيو ويو آهي،عورت پروفيسر جو چوڻ آهي ته مختلف ڪميٽين جي سامهون جڏهن هراساني تي قانوني ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي آهي ته پوءِ به انصاف ڇو نه ٿو ملي؟ کين بار بار اهو واقعو ورجائڻ لاءِ چيو پيو وڃي پر فيصلي ۾ دير ڪئي پئي وڃي۔ خاتون پروفيسر جو چوڻ آهي ته کين خدشو آهي ته سياسي دٻاءُ سان هن معاملي کي دٻائڻ لاءِ چيو پيو وڃيعورت پروفيسر جو چوڻ آهي ته هوءَ اڃا تائين انصاف جي منتظر آهي ته جيئن اهڙا واقعا ٻي ڪنهن خاتون سان پيش نه اچن،ميڊيا کي ان شوڪاز ليٽر جي ڪاپي ملي آهي جنهن ۾ عبدالمجيد پيرزادي مٿان ٻن جاچ ڪميٽين جي نتيجي ۾ هراساني جو الزام ثابت ٿي چڪو آهي ۽ ميجر پينلٽي جي سفارش ڪئي وئي آهي، پر انتظاميه اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو۔

هيسائڻ  جي الزام ۾لياري يونيورسٽي جو آفيسر معطل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي انتظاميا، جنسي هراسان ڪرڻ جي الزام تحت سينيئراڪائونٽ آفيسر عبدالرشيد ملاح کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته تاحڪم ثاني سندن ڪيمپس ۾ داخلا تي پابندي به لاڳو ڪئي وئي آهي. يونيورسٽي جي رجسٽرار پاران سومر جي منجهند باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ذريعن موجب عبدالرشيد ملاح جي معطلي جو فيصلو ساڳئي ڏينهن يونيورسٽي جي منعقد ٿيل سينيڊيڪيٽ اجلاس دوران ڪيو ويو.عبدالرشيد ملاح تي الزام آهي ته هن هڪ شاگردياڻي کي موبائل فون ايپليڪيشن ذريعي هراسان ڪندڙ پيغام موڪليا، جنهن جي باقاعده شڪايت متاثر شاگرديا انتظاميا کي ڏني هئي.يونيورسٽي جي سرڪاري موقف موجب، معاملي جي جاچ لاءِ هڪ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، جنهن جي سربراهي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ جي آفيسر ڪري رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.