ڪئنالن خلاف احتجاج ڏوهه،تاج جويي جا ٻه پٽ گرفتار،290 ماڻهن خلاف ڪيس داخل

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌين نيشنل ڪانگريس طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف حيدرآباد ۾ نڪتل ريلي کانپوءِ  حيدرآباد پوليس  سنڌين نيشنل ڪانگريس  سميت مختلف قومپرست اڳواڻن،  40 عورتن ۽ 250 نامعلوم مردن خلاف ڪيس داخل ڪري گذريل رات دير سان سنڌ جي نامياري دانشور اديب تاج  جويو جي گھر تي ڇاپو ھڻي، سندس ٻن پٽن کي گرفتار ڪري دھشتگردي جي انت آڻڻ واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالتسڳوري تاج جويو جي پٽن روپلو جويو ۽ ھوشو جويو کي ٽن ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل حيدرآباد حوالي ڪري ڇڏيو. سنڌين نيشنل ڪانگريس جي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال خلاف گذريل ڏينھن اسٽيٽ بينڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ عورتن سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي، جنھن خلاف گذريل رات دير سان پوليس جي فرياد تي ڪينٽ ٿاڻي تي سنڌين نيشنل ڪانگريس  سميت مختلف قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ محب  آزاد لغاري، سارنگ جويو، غني امان چانڊيو، سھڻي جويو، امتياز ميراڻي، مزمل احمد ڳاھو، ديدار علي چانڊيو، شبير لغاري سميت 40 عورتن ۽ 250 نامعلوم ماڻھن خلاف دھشتگردي جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ ريلي ۾ ملڪ جي جھنڊي جي بي حرمتي ڪئي وئي، پاڪ فوج جي حمايت ۾ لڳل بينر ۽ پوسٽر ڦاڙيا ويا ۽ رياست مخالف نعريبازي ڪِئي وئي.   جڏھن تھ گذريل رات دير سان حيدرآباد پوليس جي نامياري اديب ۽ دانشور تاج جي گھر تي چڙھاِئي ڪري سندس ٻن پٽن روپلو جويو ۽ ھوشو جويو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو، جن جي بعد ۾ گرفتاري ظاھر ڪري کين دھشتگردي جي انت آڻڻ واري خاص عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو، جتي عدالت سڳوري پوليس جي درخواست رد ڪندي کين  ٽن ڏينھن جي جوڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل حيدرآباد حوالي ڪري ڇڏيو.17

ٻنهي پٽن جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي:تاج جويو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ نامياري اديب تاج جويو چيو آھي تھ رات جو 4:30 بجي پوليس جون 25 کان 30 موبائلون 150کان 200 ڪمانڊوز ۽ ڪجهھ سول ڪپڙن ۾ اھلڪارن چادر ۽ چوديواري تقدس پائمال ڪري گھر جا دروازا ٽوڙي گھر داخل ٿيا جن  مٿس تشدد ڪرڻ سميت  سندس ٻن پٽن روپلو جويو ۽ ھوش محمد جويو کي گرفتار ڪري ويا، ھن چيو تھ منھنجي گرفتار ٻنھي پٽن جو سياست سان ڪوبھ تعلق ڪونھي.  ٻئي طرف تاج جويو، ايڇ آر سي پي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو، جسقم آريسر جي اڳواڻ عبدالفتاح چنا سان گڏ ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو سان ملاقات ڪئي، جنھن کين يقين ڏياريو تھ معاملي جي شفاف چاج ڪئي ويندي.

سنڌين نيشنل ڪانگريس پاران اڄ مظاهرن جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي باڊي جو ھنگامي اجلاس مرڪزي چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ محب آزاد جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾  گڏيل بيان جاري ڪندي چيو ويو ته  سارنگ جويو ۽ سنڌ جي قومي دانشور سائين تاج جويي جي گهر تي سئو کان مٿي سرڪاري گاڏين ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن چڙھائي ڪري سندس ٻن پُٽن روپلي جويي ۽ ھوشو جويي کي گرفتارڪرڻ ۽   ايڊووڪيٽ محبآزاد، سارنگ جويي، مرڪزي آرگنائيزر سھڻي جويو، ۽ سنڌين نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي چيف آرگنائيزر غني امان چانڊيي، قومي ڪارڪنن امتياز ميراڻي، شبير لغاري سميت 250 ماڻھن تي دھشتگرديءَ جي ڪيس جي  سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ اڄ  اڱاري جي ڏينھن سنڌين نيشنل ڪانگريس پاران سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرن جو سڏ ڏيون ٿا.

تاج جويو جي گهر تي چڙهائي رياستي دهشت گردي قرار

حيدرآباد (رپورٽرس/ پ ر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل، ڪامريڊ امداد قاضي چيو آھي تھ تاج جويو، ترقي پسند، قوم دوست اديب ۽ دانشور آهي، جنهن جي گهر تي حملو ڪري سندس گهر جي فردن تي تشدد ڪرڻ هڪ غيرقانوني، بي رحم، فاشسٽ رياستي دهشت گردي جو عمل آهي، ھن مطالبو ڪيو تھ  تاج جويي جي گهر ۾ داخل ٿيندڙ آفيسرن ۽ انهن کي حڪم ڏيندڙن کي معطل ڪيو وڃي ۽ گرفتار نوجوان آزاد ڪيا وڃن، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھ ته نامور اديب تاج جويي جي گھر تي پوليس چڙھائي ۽ سندس ٻن پٽن کي کڻڻ جو عمل قابل مذمت آھي، ھي پيپلزپارٽي جو چھرو آھي جنھن درياهه کپايو، زمينون کپايون آھن ۽ قدرتي وسيلا وڪڻن پيا، پيپلزپارٽي سنڌ تي لاقانونيت مڙھي سياسي ڪارڪنن خلاف ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آھي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين ۽ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي ڪنوينر نواز خان زئور چيو آهي ته تاج جويي جي گهر تي چڙهائي قانون جي غلط استعمال جي برابر آهي، بنا جواز ۽ بنا وارنٽن جي گهر ۾ داخل ٿي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ پرامن سياسي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي، ڪئنالن، ڊيمن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد کي روڪڻ لاءِ پرامن سياسي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي مان جيئي سنڌ محاذ جي صدام نوناري، صدام نوناري ۽ جسقم جي غمشاد مري، عامر لطيف چانگ ۽ ٻين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جسقپ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي، تاج جويو جي گھر تي رياستي دهشت گردي ۽ پوليس گردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گھرڪئي ته فوري طور اديب تاج جويو جي ٻنھي پٽن کي آزاد ڪيو وڃي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.