مجموعي طور ڄڻ ته ۽ 75 سيڪڙو باقاعدگي سان سنڌ صوبو زراعت واري معيشت تي دارو مدار رکي ٿو.آبادگار،هاري،۽ مالوند ماڻھو کان ويندي ٻھراڙي جو پورهيت طبقو به پنهنجي روزگار سان لڳل آھي ته اهو سلسلو به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان زرعي ڪاروبار ئي هوندو.ايئن هن هيڏي وڏي زرعي ماحول واري صوبي ۾ هاري ۽ آبادگار کان ويندي ان مزدور طبقي جنهن جو سڌو سنئون تعلق زرعي ڪاروبار سان آھي کي پڻ سرڪار پاران سهولتون ملڻ ۽ سهڪار هجڻ ضروري آھي.
تازو ڪجهه مهينن کان سنڌ حڪومت هارين ۽ اتي آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ جو جو جيڪو فيصلو ڪيو آھي سو پڻ ساراھ جوڳو عمل آھي.ان سموري عمل ۾ وري جيڪو عمل بينظير هاري ڪارڊ وارو آھي سو اڃان وڌيڪ بهتر ۽ قابل تحسين آھي.ان سلسلي ۾ زراعت کاتي جي زميوار ذريعن جو چوڻ آھي ته بينظير هاري ڪارڊ واري سلسلي ۾ اداري پنهنجي زميوارين ۽ اختيارن کي استعمال ڪندي بهتر کان بهتر ڪارڪردگي سامهون آندي آھي.ذريعن جو چوڻ آھي ته سنڌ حڪومت جو سهڪار ته آھي ئي آھي پر زراعت جي وزير موصوف جو به زور آھي ته جيترو جلد ٿي سگهي بينظير هاري ڪارڊ جي داخلاءِ گهڻي کان گهڻي ڪئي وڃي.ان سلسلي ۾ زراعت کاتي جي هڪ اهم زميوار جو چوڻ آھي ته پوري سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 2 لک 50 هزار کان مٿي بينظير هاري ڪارڊن جي داخلا ٿي چڪي آھي.جنهن ۾ 1 لک 30 هزار فارم لکت ۾ اچي چڪا آھن ۽ 1 لک 20 هزار کان مٿي فارم آن لائين ڀرجي چڪا آھن.زراعت کاتي جي هڪ ٻئي زميوار جو چوڻ آھي ته جيڪڏهن مجموعي طور سنڌ حڪومت روينيو جي عملي کي سرگرم ڪري کاتن جي ويريفيڪيشن ڪرائي يا وري عملو بهتر کان بهتر سهڪار ڪري ته اهو عمل اڃان وڏيڪ تيز ۽ ترت ٿي سگهي ٿو.
ان سلسلي ۾ جڏهن مختلف هنڌن تان کاتيدارن ۽روينيو عملي جي زميوارن کان معلوم ڪيو ويو ته ويريفيڪيشن ۽ کاتن جي تبديلي يا ٽرانسفر ۾ دير ڇو ٿي لڳي ته هنن جو چوڻ آھي ته کاتا سنڌ ۾ اڪثر طور ابن ڏاڏن يا خاندانن جي وڏن جي نالن تي آھي جيڪي هاڻي هن دنيا ۾ به ناهن رهيا.خانداني ڇڪتاڻ کان ويندي مختلف وراثتن وارن سببن ڪري کاتا درست ۽ تيزي سان تبديل نٿا ٿين.پر جڏهن هاري ڪارڊ جي لاءِ درخواست گذارن کان معلوم ڪيوسين ته آخر ڪار اهي ڪهڙا سبب آھن جو اوهان جا ھاري ڪارڊ جو فارم وقت سر جمع نٿو ٿئي؟هنن جو چوڻ هو ته روينيو کاتي جي عملدارن جي ڪم ۾ سست رفتاري ۽ ڳڙي رشوت گهرڻ وڏي ۾ وڏو سبب آھي جو کاتا تبديل وقت سر نٿا ٿين.هنن متاثر کاتيدارن،آبادگارن ۽ هارين جو چوڻ آھي ته روينيو کاتي مان انهن رشوت خورن کي ٻاهر ڪڍي ترت مسئلاءِ حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته حڪومت سنڌ ۽ زراعت کاتو بينظير هاري ڪارڊ وارو ٽارگيٽ ۽ مقصد وقت سر پورو نه ڪري سگهندي.ان لاءِ زرعي کاتي جي اهم ذميوار ذريعي ٻڌايو ڪافي آن لائين فارم ڀرجي چڪا آھن باقي جيڪي تقريبن ان آن لاءِئين ٿيل فارمز جي لڳ ڀڳ هٿ سان ڀريل فارم آن لاءِئين ڪرڻ لاءِ اپلوڊ ڪيا وڃن ٿا.جڏهن ته آن جي سهولت ايڪٽوو ڪئي وئي آھي جنهن لاءِ خصوصي ڊيسڪ ويهاري هنگامي بنيادن تي بينظير هاري ڪارڊ اپلوڊ ڪيا وڃن ٿا.
مٿين ڳالهين کي سامهون رکي هيٺ ڪجهه تجويزون ڏجن ٿيون.سنڌ حڪومت کي کپي ته سڀ کان پهريان روينيو جي کاتي جي عملي کي ڪنٽرول ڪندي کاتيدارن جا کاتا جلد کان جلد تبديل ڪيا وڃن.کاتن جي ٽرانسفر واري ڪم کي شفاف رکڻ لاءِ ڳڙي رشوتي نظام کي به ضابطي ۾ رکيو وڃي.ان سلسلي ۾ ڇا ٿيندو جوکاتا فوري ۽ آساني سان ٺھي ۽ ملي ويندا.۽ هاري ڪارڊ واري ٽارگيٽ ۽ مقصد کي فوري طور مڪمل ڪرڻ ۾ آساني ٿي پوندي.ان سان گڏوگڏ کاتن جي آزاد ۽ اپڊيٽ ٿيڻ سان کاتيدار ۽ هاري يا آبادگار سرڪار جي ٻين زرعي سهولتن،زرعي قرضن کي آساني سان حاصل ڪري سگهي ٿو.ان سلسلي ۾ ٻيو ڇا ٿيندو ته مڪمل طور تي هڪ سروي به سامهون ايندي ته ڪيترا آبادگار ۽ هاري آھن ۽ انهن جي نالن تي ڪيتري زمين آھي.
ان سلسلي ۾ حڪومت سنڌ کي آبادگار ۽ هاري کي زرعي جنسن،ڀاڻ ۽ ٻج توڻي زرعي دوائن تي سبسڊي ڏيڻ کپي.گذريل زرعي سيزن ۾ ڪڻڪ جي پوکائي دوران هڪ سروي موجب وڏي تعداد ۾ هارين ۽ آبادگارن ڪڻڪ پوکائي ۾ DAP ڀاڻ مهانگو هجڻ سبب ۽ قوت خريد نه هجڻ ڪري ڪڻڪ کي نه ڏئي سگهيا جنهن ڪري ڪڻڪ جي اها اپت نه لٿي جيڪا لهڻ کپندي هئي.ان لاءِ حڪومت کي ڀاڻ سميت زرعي جنسن،زرعي دوائن کان ويندي زرعي مشينري تي 50% سبسڊي يعني رعايت ڏيڻ کپي.ان حوالي سان حڪومت سنڌ ۽ زراعت کاتي جي اختيارين کي کپي ته سنڌ جي زراعت کي بهتر کان بهتر ڪري سٺا نتيجا ورتا وڃن.ان لاءِ جيترو به جلد کان جلد ٿي سگهي آبادگار ۽ هارين توڻي زرعي صنعت ۽ ڪم ڪار سان لاءِڳاپيل حلقن کي کي مٿي بيان ڪيل ڳالهين ۽ مسئلن ۾ مدد،رعايت ۽ تعاون ڪرڻ ۽ اوليت ڏيڻ ضروري آھي.جيڪڏهن سرسري جائزو ورتو وڃي ته سنڌ جو مجموعي طور شهري آبادي جي 25 سيڪڙو کي ڇڏي باقي سنڌ جو مڪمل آبادي سنڌ جي زراعت،زرعي ڪاروبار،مالوندي ۽ زرعي ڪاروبار سان لاءِڳاپيل آھي.پو اهو هاري هجي،اهو آبادگار هجي،زميندار هجي يا ڪو انهن مان ئي عوامي نمائيندگي ڪندڙ لوڪل نمائيندو يا تڪ جو ايم پي اي يا ايم اين اي هجي سي پڻ زراعت سان وابسطا آھن.ان ڪري انهن کي خاص دلچسپي وٺي فوري طور زراعت کاتي جي بااختيار عملي کي سرگرم ڪرڻ کپي ۽ مٿين ڳالهين کي عملي شڪل ڏئي انهن کي لاءِڳو ڪرڻ کپي.سنڌ خوشحال تڏهن ٿيندي جڏهن زراعت بحال ٿيندي،زراعت جي بحالي سان ئي هاري خوشحال ۽ سنڌ خوشحال ٿيندي