سائين عبدالله لاکير ڪاليج دوران شاگردن سان سائين جو رويو ھڪ دوست ۽ شفقت ڀريو ھوندو آھي مونکي ياد ناھي ته سائين عبيدالله لاکير ڪنھن شاگرد يا ڪنھن استاد يا ڪلارڪ پٽيوالي سان به تيز ٿي ڳالههايو ھوندو ڪاليج ۾ سائين جي چھري تي ھميشه مرڪ ۽ طبيعت نرم رھندي آھي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج قاضي عارف ۾ جيڪي بنيادي سهولتون ميسر آھن اھي سڀ سائين جي ڪري آھن پاڻي فرنيچر کان ويندي ڪتاب لائبريري تائين انھن سڀني ۾ سائين جي محنت شامل آھي
سائين عبيدالله لاکير تعليم کاتي ۾ 28 سيپٽمبر 1993 تي ليڪچرار ٿيو ھيو سندس ڳوٺ تعلقي ميھڙ ضلع دادو بخش لاکير جو رھاڪو آھي سائين جي پھرين پوسٽنگ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميھڙ ۾ ٿي. جتي سائين پنج سال استاد پڻ رھيو سائين عبيدالله لاکير 1998. ۾. بدلي ڪرائي حيدرآباد پريٽ آباد ڪاليج ويو اڍائي سال سائين اتي گذاريا ان کان پو۽ سائين اتان بدلي ڪرائي مٽياري ڪاليج ويو جتي ھڪ سال رھيو. 2001 ۾ سائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه ۾ آيو، جتي 2006 ۾ اررڙھين گريڊ ۾ ترقي مليس جنھن کانپو۽ سائين اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. سائين عبيدالله لاکير فيبروري جي پهرين تاريخ تي پرنسپل ٿي آيو نئين جوڙيل ڪاليج گورنمينٽ آف ڊگري قاضي عارف ۾. 2017 آڪٽوبر ۾ 19 گريڊ ۾ ترقي مليس ۽ مڪمل طور پرنسپال طور مقرر ٿيو سائين عبيدالله لاکير استادن جي تنظيم سپلا ۾ به مختلف عهدن تي پڻ رھيو ۽ سائين ڳوٺ سڌار سنگت بخش لاکير جو باني صدر به رھيو آھي سائين پورا ٽيهھ سال سماجي خدمت به ڪئي آھي جيڪا اڃان تائين ڪندو پيو اچي ھاڻي سائين عبيدالله لاکير 26 مئي. 2025 تي 60 سال جي عمر ۾رٽائر پيو ٿئي سائين جي رٽائرمينٽ ٿيڻ کانپو۽ خبر ناھي ته قاضي عارف جي ڊگري ڪاليج جو ڇا ٿيندو ڇو ته سائين پنھنجي ڊيوٽي دوران ڪاليج کي جيترو سينگاريو آھي سنواريو آھي سائين جي وڃڻ کان پوءِ شل اھڙو ڪو پرنسپال مقرر ٿئي جيڪو ائين ڪاليج قاضي عارف کي سنواريندو اچي. سائينءَ پنھنجي حاضر سروس دوران ڪافي غريب بي سهارا شاگردن جي اندروني طور مالي مدد پڻ ڪئي آھي جيڪي غريب شاگرد ھاري مزدور جا ٻار اسڪول فارم ڀرائي نٿا سگھن سائين پنھنجي ذاتي خرچ ذريعي انھن شاگردن جا فارم پڻ ڀرائيندو رھيو آھي اھڙا پرنسپال تمام گھٽ ھوندا آھن جيڪي اھڙي سوچ رکندڙ ھجن. سائينءَ جيڪو به وقت ڪاليج ۾ گذاريو ايمانداري مخلصي ۽ جرئت سان گذاريو قاضي عارف ڪاليج ۽ ان جا شاگرد استاد سڀ سائين عبيدالله لاکير جھڙي پرنپسال کي ضرور ياد ڪندا سائين ڪاليج قاضي عارف کان ته ضرور رٽائر ٿي رھيو آھي پر اسان شاگردن جي دلين مان سائين ڪڏھن به رٽائر نٿو ٿي سگھي اسان کي سائين مان اڃان گھڻو ڪجهه سکڻ جي پڙھڻ جي اميد آھي اسان شاگردن جو پيار محبت سدائين سائين سان گڏ رھندي ڪجهه ماڻھو ويندي ويندي به پويان پنھنجي قدمن جا نشان ڇڏي ويندا آھن سائين عبيدالله لاکير رٽائرمنٽ ٿيڻ کانپو۽ به ڪاليج سان ۽ اسان سان گڏ ھوندو.