حيدرآباد(رپورٽر)سنڌين نيشنل ڪانگريس جي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي ادارن عالمي ڪمپنين جي قبضي، سنڌو درياھه مٿان ٺھندڙ غيرقانوني ڪينالن، رٿابندي ذريعي سنڌ ۽ ھن خطي ۾ وڌندڙ ماحولياتيتباھي پکيڙڻ، جبري گمشدگين ۽ انساني حقن جي لتاڙ خلاف حيدرآباد ۾ “سنڌ مارچ” ڪيو ويو اسٽيٽ بينڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ڪيل مارچ جي اڳواڻي سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ محب آزاد، مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويي، آرگنائيزر مڪيش ڪمار، آرگنائيزر سھڻي جويو، آرگنائيزر اعزاز لغاري ۽ سنڌين اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي چيف آرگنائيزر غني امان چانڊيي ۽ ڊپٽي چيف آرگنائيزر عديل لغاري ڪئي، مارچ ۾ قومي ڪارڪنن ۽ شاگردن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪري سخت نعريبازي ڪئي. مارچ گل سينٽر ۽ اولڊ ڪيمپس کان ٿيندو پريس ڪلب پهتو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ محب آزاد خطاب ڪندي چيو ته 77 سالن کان وٺي ھتان جي تاريخي وطنن ۽ تاريخي قومن کي غلام بڻائي سندن وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آھي، ان قبضي کانپوءِ سمنڊ جي ڪمائي کان وٺي ٿر جي ڪاري سون ڪوئلي، گئس، پيٽرول، گرينائيٽ، سنڌ جي بندرگاھه، لکين ايڪڙ زمينن، ڍنڍن، ڍورن ۽ جبلن کان وٺي سنڌو درياھه تي ڌاڙي ھڻڻ تائين سنڌ جي سمورن وسيلن بيدردي سان لٽيو پيو وڃي، جنھن خلاف سنڌ جي قومي تحريڪ سائين جي ايم سيد جي فڪر ھيٺ جدوجھد ڪندي رھي آھي ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ کان وٺي ڪوڙن ڪيسن ھيٺ قومي ڪارڪنن جي گرفتار ڪري شھيد ڪيو وڃي ٿو، سارنگ جويي چيو ته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آھي، ان وطن جي لکين ايڪڙ زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي قبضو ڪرڻ ته پري جي ڳالھه پر اسان سنڌ وطن جي زمين جو ھڪ انچ به ڪنھن اداري يا ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏيڻ نه ڏينداسين، ڇو ته ان زمين جو وارث ۽ مالڪ سنڌ جو ماڻھو ۽ ھاري آھي، ان ڪري اھي لکين ايڪڙ زمينون سنڌ جي بي زمين ھارين کي ڏيڻ تائين جدوجھد جاري رھندي.مڪيش ڪمار، سھڻي جويو، اعزاز لغاري، غني امان چانڊيي ۽ ڊپٽي چيف آرگنائيزر عديل لغاري خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھه اسان سنڌي قوم جي جياپي جو ذريعو آھي، سنڌو درياھه اسان جي وطن سنڌ کي تخليق ڪيو آھي، پاڻي جي عالمي قانون موجب به پوڇڙي (لوئر رائيپيرين) جي حيثيت ۾ سنڌو درياھه جا وارث ۽ مالڪ اسان سنڌي آھيون، ان ڪري سنڌو درياھه مٿان ڪو به ڪينال يا ڊيم برداشت نه ڪبو. هنن چيو ته سنڌ جي لکين زمين بنجر، ڪلراٺي بڻجي چڪي آھي ۽ سنڌ جي سامونڊي پٽي مان لکين ماڻھن جي لڏپلاڻ ٿي آھي، لکين ايڪڙن تي مشتمل تِمر جا ٻيلا تباھه ٿي ويا، لکين قسم جي آبي جيوت تباھه ٿي وئي، سنڌ جو جر کارو ۽ ان ۾ سينکيو آھي، مارچ ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شامل رهندڙ عورت ايڊووڪيٽ حما عباسي، عنايت چانڊيو، رضوان ميمڻ، آزادي جويو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.