جديد دور ۾ جنگ رڳو ھٿيارن سان نھ کٽي سگھبي آھي، پر ان جي لاءِ مضبوط معيشت ۽ زميني حقيقت سان ٺھڪندڙ ڪاميابي سفارتي ڪوشش لازمي آھي.ننڍي کنڊ جي ٻنھي ايٽمي طاقتن وچ ۾ تازي لڙائي ۽ ان بعد عالمي مداخلت تي سيزفائر ٿيڻ بعد بھ خطي جي وڏي ملڪ جو ھٺ اھو خطرو پيدا ڪري رھيو آھي تھ ھن علائقي جي ماڻھن جون زندگيون خطري کان خالي نھ آھن.ٻنھي ملڪن کي اھو سمجھڻ گھرجي تھ خطي توڙي دنيا جي لاءِ ُپرامن رھي ڪري ئي ترقي ڪري سگھجي ٿي.ٻنھي ملڪن جي مفاد ۾ آھي تھ التوا ۾ پيل معاملن کي حل ڪري اڳتي وڌجي. ھاڻي وقت بدلجي ويو آھي،ڪنھن بھ سازش سان وقت طور دوکو ڏيڻ ممڪن آھي پر ڪروڙين انسان جي بقا امن ۾ ئي لڪيل آھي.
جيتوڻيڪ پاڪستان ٻيهر هندستان کي گڏيل معاملن کي حل ڪرڻ ۽بھتر پاڙيسرين جيان ُپرامن رھندي اڳتي وڌڻ جي آڇ ڪئي آهي، پر ھندستان ان جو تاحال ڪو مثبت جواب نھ ڏنو آھي. جيڪڏهن هڪ طرف هن ماحول ۾ امن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ان کي نظرانداز نه ڪيو وڃي.ٻن ايٽمي طاقتن وچ ۾ ٿيل تازين جھڙپن ۾ ٻنھي ڌرين کي پھتل نقصان جا تفصيل اڃان اچي رھيا آھن، پر ھن ڀيري پاڪستان کي مجموعي طور تي برتري حاصل رھي آھي.جنگ جي ماحول باوجود، پاڪستاني ميڊيا سامھون کان ڪيل وڌاءُ،ڪوڙ ، فيڪ نيوز ۽ نعريبازي باوجود ڪنھن اٻھرائي جو مظاھرو نھ ڪيو. ھندستان جي چڙ ڏياريندڙ رويي ھوندي پاڪستان اھڙي ڌٻڻ ۾ پاڻ کي نھ ڦاسايو.مجموعي طور تي ان جو ھندستان کي نقصان ٿيو. ھندستاني ماڻھن جي جذبات کي ايترو اڀاريو ويو جو جڏھن آمريڪا جي صدر ٽرمپ پاران سيزفائر جو اعلان ڪيو ويو تھ ان تي ھندستان وارا حيران ٿي ويا.
ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده ڇڪتاڻ ۽ غير يقيني صورتحال جو هڪ سبب ميڊيا جي غير ذميواري ۽ وڌاءُ ڪرڻ وارو رويو ھو.جذباتي ماحول امن لاءِ خطرو پيدا ڪري ٿو ۽ ٻنهي ملڪن کي الڳ رکي ٿو. پر پاڪستان ۽ هندستان کي ٻنهي کي هن رويي کان پاسو ڪرڻ ۽ حقيقتن جي دنيا ڏانهن موٽڻ جي ضرورت آهي. تازي فوجي جھڙپ ۾ پاڪستان کي ان ڪري بھ هندستان تي برتري حاصل آهي. جو پاڪستان 22 اپريل واري تڪرار شروع ٿيڻ کان وٺي امن جي ڳالهه ڪئي آهي. پر هندستان اٻھرائپ ۾ واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث ھئڻ جو الزام مڙھي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف پهلگام سانحي جي غير جانبدار جاچ ۾ سھڪار جي آڇ ڪئي هئي. هندستاني اختيارين اڃا تائين پهلگام ۾ دهشتگرد واقعي جي جاچ مڪمل نه ڪئي آهي ۽ نه ئي اهو طئي ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي ته ان سانحي ۾ ڪهڙا عنصر ملوث آھن. پاڪستان جي اھڙي آڇ کي قبول ڪيو وڃي ها، ته دنيا ۾ ھندستان کي ايتري رسوائي نھ کڻڻي پئي ھا.جنگي حالتن کان بچي سگهجي ها.
هندستاني اڳواڻ ھاڻي ڪيتري به وضاحت ۽ دعويٰ ڪن ته پاڪستان جنگ بندي لاءِ دوست ملڪن، آمريڪا سان رابطو ڪيو هو، پر حقيقت کي وساري نٿو سگهجي ته ٽرمپ جي جنگ بندي جي اعلان وقت، هندستان فوري ۽ مڪمل جنگ بندي تي راضي ٿي ويو هو.اجائي ضد ۽ جذباتيت سان دنيا ۾ پنھنجي جاءِ نٿي جوڙي سگھجي.ان ڪري بھ پاڪستان کي ھندستان کي برتري حاصل ٿي. پاڪستان کي سفارتي ميدان ۾ بھ برتري حاصل ٿي آھي ۽ ھاڻوڪي فوجي جھڙپ، سيزفائر ۽ پيدا ٿيل صورتحال سان عالمي دنيا جو ڌيان ڪشمير ڏانھن بھ ڇڪايو ويو آھي.جنھن ڪري پاڪستان جي ھن ڀيري واري سرسي ھندستان کان ھضم نھ ٿي رھي آھي.ھندستان کي عالمي توڙي علائقائي سطح تي جنھن شرمندگيءَ کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي ان ۾ مودي حڪومت جو وڏو ھٿ آھي. جنھن جي انتھاپسند پارٽي ڏکڻ ايشيا جي وڏي ملڪ جي جمھوريت ۽ سيڪيولر سڃاڻپ واري صورت کي مڪمل طور مسخ ڪري ڇڏيو آھي.ھن نفرت کي ھوا ڏني آھي. مسلمان ھندو ويڇي کي وڌائڻ واري سندس ان ڪوشش سان ھڪ وڏي آباديءَ غيرحقيقي دنيا جا خواب ڏسي رھي آھي. اھو سڀ ڪجهھ دنيا جي ماڻھن آڏو آھي، اھو ئي سبب آھي جو ھندستان پنھنجي طاقت ۽ عملي سگھه وڃائي رھيو آھي.
هن ڀيري پاڪستان امن جي ڳالهه ڪئي. اشتعال کان پاسو ڪيو .هندستان پهرين حملو ڪيو، جنهن پاڪستان کي دفاعي اختيار ڪرڻ جو موقعو ڏنو.اھو عالمي قانون آھي تھ دنيا جو ڪو به ملڪ هڪ مڙهيل جنگ ۾ پنهنجي دفاع جو حق رکي ٿو.اھو ئي سبب آھي جو دنيا ۾ پاڪستان جي ڳالھھ، موقف کي تسليم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هندستان ۾ نريندر مودي خلاف سياسي احتجاج ٿي رهيا آهن.مودي جي پارٽي فتح جو دعويٰ ڪري رهي آهي ۽ آمريڪا پاران اعلان ڪيل ڳالهين کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. صدر ٽرمپ پنهنجي تازي عرب ملڪن جي دوري دوران پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ امن بابت ڪيترائي ڀيرا ڳالهايو ۽ تجويز ڏني ته اهي جنگ جي بدران واپار ڪن. هن اهو به چيو ته بهتر ٿيندو ته ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ ڊنر ٽيبل تي ملن ۽ گڏيل مسئلا حل ڪن.
هندستان اڃا تائين ڳالهين ۽ پائيدار امن جو ڪو اشارو نھ ڏنو آھي. پاڪستان کي اعتماد جي فضا پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. جيڪڏهن هندستان کي شڪ آهي ته پاڪستان جا ڪجهه جهادي عنصر هندستان يا سندس قبضي هيٺ آيل ڪشمير ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ملوث آهن، ته انهن عنصرن کي گرفتار ڪري اھو تاثر ختم ڪري سگهجي ٿو ته اهي عنصر ڪڏهن پاڪستان جا ’اثاثا‘ هئا. هڪ ٻيو اصول پڻ واضح ٿيندو تھ جيڪڏهن ماضي ۾ غلطيون ٿيون آهن، ته هاڻ انهن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
وزيراعظم کان علاوه، پرڏيهي وزارت به هندستان سان ڳالهين جي ڳالهه ڪئي آهي، پر ساڳئي وقت اهو شرط به رکيو آهي ته اهي ڳالهيون صرف ڪشمير تي ٿينديون. پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ تڪرار جي تاريخ ڊگهي آهي. تنهن ڪري، ڳالهين لاءِ اڳواٽ شرط جو رواج ختم ٿيڻ گهرجي. تازي جھڙپ ھاڻي تاريخ جو حصو ٿي وئي آھي. امن هر ڪنهن جي ۽ ھر دور جي ضرورت آهي.