ڪنھن بھ شخص جو جيئڻ سان موھھ، زندگيءَ سان موھھ آھي، ھن جھان کي تياڳڻ يا موت کي پنھنجو قبولڻ، ھڪ ٻي زندگيءَ جو موھھ آھي، اھا زندگي جيڪا ھن عمر گذرڻ کان پوءِ اچڻي آھي، اھڙي ڪا بھ سَڌَ، سَڌَ ئي آھي، شخص لاءِ!
آنند کيماڻي جي ناول ”بي سبب رشتا“ جو نائڪ صحافي ڀڳوان داس راڻا آھي جيڪو پھرئين عمر ۾ پوئين سڌ سانڍي ٿو ۽ نائڪا ”ڪاويري پرسرام جھوراڻي“ ھڪ شاعره آھي، جيڪا پھريون موھھ سانڍي ٿي. ناول ٻن ڪردارن جي وچ ۾ پور وڇوٽ تي ھلندڙ آھي. ٻنھي ڪردارن جي سائڪالاجي الڳ آھي.
آنند کيماڻي پنھنجي لکڻ جي حوالي ۾ اھا ساڳي ئي بيباڪي کڻي آيو آھي، جيڪا چاھيندي يا نھ چاھيندي بھ عورت جي حق ۾ وڃڻي آھي، ھو عورت کي ھڪ اھم قبوليت ڏيندڙ ليکڪ آھي.
سنڌي ناول جيڪي پراڻا رستا لتاڙي ھلي رھيو آھي، آنند کيماڻي جو لکڻ ان کان ٻاھر آھي، ڪاويري جھوراڻي شاعره آھي، ساڳئي وقت کيس غير ضروري پذيرائيءَ جو شوق پڻ آھي، ھوءَ ھڪ لائبريريءَ ۾ اسسٽنٽ لائبريرين آھي، جڏھن تھ ناول جو نائڪ بنھھ ابتڙ آھي، جنھن سبب نائڪا ھن کان پري رھڻ چاھي ٿي. پوءِ بھ ٻنھي جي وچ ۾ ڪا سنھي تارَ جڙيل رھي ٿي، جنھن جو اظھار ٻئي ھڪٻئي سان ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا، وچ ۾ ادب جي اعليٰ قدرن ۽ خصيص ويچارن جو ٽڪر ٻنھي لاءِ ھڪ ديوار آھي، جيڪا اڳتي ھلي ٽٽي آھي ۽ شاعره ڪاويريءَ کي محسوس ٿئي ٿو تھ ادب کان ٻاھر جيڪا سندس پاسخاطري ڪئي وڃي ٿي دراصل اھا سندس ڪن ٻين سببن ڪري آھي، جنھن جو ھڪ سبب سندس جسماني سانوري سونھن بھ آھي، پر ادب ۾ ھوءَ ڪنھن بھ طرح حوالي ھيٺ ايندڙ شاعره نھ بڻجي سگھي آھي، جو ادب ۾ کيس چڱيءَ طرح نٿو ڏٺو وڃي.
ھن احساس ھيٺ ئي ھوءَ ڀڳو راڻا جي ويجھو اچي ٿي، جنھن جا سبب ناول ۾ ڪيترا تفصيل کڻي آيا آھن، ڪنھن موڙ تي ڪاويري ڀڳو راڻا کان پُڇي ٿي، پُڇي ڇا کيس عرض ڪري ٿي تھ مون کي ڪو اھڙو طريقو ڏسيو جنھن ۾ منھنجو نالو ادب ۾ اھميت ڀريو ڄاتو وڃي، ڀڳو راڻا کيس فقط ايترو چوي ٿو تھ تون لکڻ ۾ فقط پنھنجو سچ لک!
۽ ائين ڪاويري پنھنجي آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪري ٿي، ان نالي سان جيڪو جملو ڪنھن وقت ھن ڀڳو راڻا کي چيو ھُئو ”يو باسٽرڊ“. جنھن جو مھاڳ ڀڳو راڻا لکڻ قبول ڪري ٿو، ان شرط سان تھ جيڪڏھن کيس ڪتاب وڻيو تھ مھاڳ لکندو. ٻي صورت ۾ نھ.
اِھو تھ قبول ڪيو ويو آھي تھ ليکڪ جو سچ ئي ھن جي اھم ميراث ھوندو آھي، جنھن سچ سان ليکڪ کي ڪنھن بھ طرح زندگيءَ جي آخري گھڙيءَ تائين بيھڻو آھي، ٻيا سچ ٻين ماڻھن ۽ انھن جي گڏيل ميڙ لاءِ آھن، جنھن ميڙ کي سماج چيو ويو آھي، ڪاويريءَ جو سچ اھڙو آھي، جيڪو ڪتاب معرفت ڀڳو راڻا وٽ رسي ٿو ۽ ڀڳو راڻا جو سچ اھو آھي جيڪو لکي ھو نھ ڇپائيندو ۽ نھ ڪنھن کي ٻڌائيندو آھي.
رشتا جيڪي سندن جڙيل آھن جن کي بي سبب ڪوٺيو ويو آھي، ان جا سبب ٻنھي وٽ آھن، جيڪي ڀڳو راڻا جي وفات کان پوءِ سندس لکيل پنن ۽ ڊائرين ۽ ڪن لکيل ليکن مان ملن ٿا ۽ ٻنھي جو سچ چٽو ٿئي ٿو، جيڪو ٻنھي جي اندر جو سچ آھي، ڪڏھن ڪڏھن ليکڪ پنھنجو سچ لڪائيندو آھي ٻيءَ طرح آتم ڪٿا جي نسبت تخليق ۾ اھو سچ ظاھر ٿيندو آھي.
ناول پنھنجي فني برجستگيءَ سان پنھنجي سموري سگھھ کڻي آيو آھي، جنھن سگھھ کي ڇھڻ لاءِ سنڌي ناول (سنڌ اندر) کي اڃا گھڻو پنڌ ڪرڻو پوندو، ھند جو ناول خاص طور آنند کيماڻي جو ناول ھنڌ جي سنڌي سماج کان گھڻو اڳتي بيٺل آھي ۽ لڳاتار اڳتي تيزيءَ سان وڌي رھيو آھي. ھيءُ ناول جيتوڻيڪ سندس وچ وارن ٽن چئن ناولن کان بنھھ الڳ سڃاڻپ کڻي آيو آھي، سنڌي سماج ان نئين سڃاڻپ کي ڪڏھن پنھنجو ڪندو اھو سوال وقت کان اڳ آھي، ايئن ھي ناول بھ وقت کان اڳ آھي، وقت جو حصو ٿيڻ ڏانھن وڌي رھيو آھي، وقت کيس نھ قبوليو تڏھن بھ ھو پنھنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ رکڻ وارو ناول آھي، فني تجربي طور.
آنند کيماڻي جو لکڻ سنڌي سماج کي نھايت تيزيءَ سان ان سماج ڏانھن وٺي ھلي رھيو آھي، جنھن سماج نئين صديءَ ۾ پنھنجو چھرو چِٽو ڪرڻ شروع ڪيو آھي، اولھھ ان کي مڪمل پنھنجو ڪري چڪو آھي، خوشي ڏيندڙ ڳالھھ اھا آھي تھ آنند کيماڻي ڪنھن بھ سماج جي پيروڪاري/پوئلڳي ڪندڙ نھ آھي ۽ نھ ئي ھو اولھھ ۾ لکيو ويندڙ ويندڙ ناول جي پوئواري ڪندڙ رھيو آھي، ھن پنھنجي ناول کي اوڀر جي خوشگوار توانائي ڏيندي بھ ڪنھن قسم جي پاڻ پڏائي يا سنڌي ادبي سُرت جي پاسخاطري کان ڪوھين ڏور رھندڙ ۽ ان جي ڪمزورين کي بنا ڪنھن رک رکاءُ جي اظھاريندڙ رھيو آھي.
آنند کيماڻي جي ٻولي، بنھھ تخليقي ھجڻ سان گڏ ڪنھن بھ ابھام کان بچيل ۽ تُز اظھار ھيٺ آيل آھي، ”بي سبب رشتا“، موضوعاتي حوالي ۾ توڻي تخليقي اڻت ۾ ھڪ نرالو ناول آھي ۽ ناول ان عيب کان بھ بنھھ آجو آھي، جيڪو عيب سندس ناول کي نھ قبوليندڙ نصاب جھڙو ادب لکندڙ ليکڪن پاران زور ڏيئي اظھاريو ويندو رھيو آھي يا ان ۾ جنس/سيڪس کي انڊر لائين ڪيو ويندو آھي. اھو سچ آھي تھ آنند کيماڻي ، جنس/سيڪس کي ھڪ اھڙي تجربي ھيٺ سنڌي ناول ۾ کڻي آيو آھي جنھن جو تصور ويھين صديءَ جو سنڌي ادب ڪرڻ لاءِ گھڻو پوئتي ھُئو!
پنھنجي نجي اظھار جي آزادي ۽ سماج جي نالي ۾ لڪل طور قبوليل بڇڙايون پنھنجي ادب معرفت آنند کيماڻيءَ وائکيون ڪيون آھن، ساڳئي وقت ڪن آدرشن/نظرين جي ٻوسٽ کان بھ سندس ساھُھ گھٽبو آھي، ھو جيئن پاڻ لاءِ سچو ۽ چٽو اظھار قبوليندو آھي، ساڳئيءَ طرح سماجي نقلي پڻي توڻي راڄنيتي ڊڪٽيٽرشپ جو پڻ وروڌي لکندڙ رھيو آھي ۽ اھي سڀ خوبيون ملي آنند کيماڻيءَ کي الڳ سڃاڻپ ڏين ٿيون ۽ وڏو اديب ڪن ٿيون. ايترو وڏو جيترا وڏين قبوليل ٻولين جا اديب آھن، ھاڻ ھلندڙ آءِ ٽي جي تيزيءَ ڀل ادب ۽ تڪڙي معلومات جي پھچ کي آسان ڪيو آھي، پوءِ بھ آنند کيماڻي صاحب پنھنجي ادب جي نجپڻي ۽ پنھنجي شخص جي نجپڻي تي ڪا بھ ڪامپرومائيز ڪري، اھو ممڪن نھ آھي، ”بي سبب رشتا“ جيتوڻيڪ پنھنجي باريڪيءَ اندر ڪي سبب سانڍيندڙ آھن، ڇاڪاڻ تھ ڪن سببن ڪري جڙندڙ رشتا جڏھن بھ سبب وڃائيندا آھن، تڏھن بي سبب بڻجي ويندا آھن، پر رشتا تھ تڏھن بھ رھڻا آھن، جيئن مون شروعات ۾ ڄاڻايو آھي تھ ڪالھھ، اڄ يا سڀاڻ سببن کي تلاشڻ جو موقعو تھ بڻجڻو ئي آھي، پر تلاش، راجنيتي، آدرشن، نظرياتي پيچيدگين توڻي تخليقي نفاستن ھيٺ اُڻيل ھجن. چاھجي تھ انھن سببن کان سواءِ بھ ڳڻائي سگھجي ٿو. جيئن ھن ناول ۾ آنند کيماڻي صاحب پنھنجي سماج کي الڳ رکيو آھي، ۽ پنھنجي سچ کي الڳ رکيو آھي، پنھنجي نجي سچ کي ايتري الڳتا بخشڻ، ادب ۾ معجزو ئي تھ آھي، جنھن ۾ آنند کيماڻي جو يقين نھ آھي، ڇو تھ ھو پنھنجي سچ تي يقين رکندڙ ليکڪ آھي. ھو سماج جي اڳيان ۽ اڪيلو ھلندڙ ۽ ويچاريندڙ ليکڪ آھي.
سماج يا عام ڀيڙ جو سھارو انھن لکندڙن کي گھربل ھوندو آھي، جيڪي ميڙ ۾ پاڻ ۾ ڪمفرٽ سمجھندا آھن، آنند کيماڻي جنھن پيچري تي ھلندو آھي، اھو پھريون اڻ ڇھيل ھوندو آھي، پويان ايندڙ ان پيچري کي ڪمفرٽ سمجھندا آھن، ڇاڪاڻ تھ جڙيل پيچرو ھوندو آھي، پيرن جي نشانن وارو پيچرو آنند کيماڻي کي نھ وڻندو آھي، ”بي سبب رشتا“ اھڙو پيچرو آھي جنھن تي ڪن بھ پيرن جا نشان نھ آھن.