مخصوص سيٽن بابت فيصلو 26هين ترميم جي فيصلي تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سني اتحاد ڪائونسل طرفان مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ ۾ ٽئي ڌار ڌار درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، جن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مخصوص سيٽن بابت فيصلو26هين آئيني ترميم جي آئيني حيثيت جي فيصلي تائين ملتوي ڪيو وڃي، درخواستن ۾ مخصوص سيٽن بابت ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ تي اعتراض ڪندي ڪارروائي جي سڌي نشريات ۽ پراڻي بئنچ جي ٻيهر جوڙجڪ جي استدعا ڪئي وئي آهي، درخواستگذار موجب عدالت ۾ طئه ٿيل اصولن مطابق نظرثاني وارا ڪيس ساڳيو بئنچ ٻڌندو جيڪو اڳ فيصلو ڏئي چڪو هجي، ۽ نئون بئنچ ٺاهڻ سان اپيل ۽ نظرثاني جي وچ ۾ فرق ختم ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.