نئين دهلي/اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان جو پاڻي روڪڻ لاءِ ڀارت چناب ندي تي تي واهه جي گنجائش وڌائڻ سميت نون پاڻي منصوبن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، نئين دهلي اهو قدم پهلگام واقعي جي ردعمل طور کڻي رهي آهي. عالمي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب، پهلگام واقعي کي جواز بڻائيندي دهلي 1960ع ۾ ڪيل سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو درياءَ سنڌ جي پاڻي جي نظام بابت آهي. 22 اپريل جي حملي کان پوءِ، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي عملدارن کي هدايت ڪئي ته درياءَ چناب، جهلم ۽ ٻين دريائن تي منصوبن جي منصوبه بندي ۽ عمل تيز ڪيو وڃي. سنڌ طاس معاهدي تحت، انهن ٽنهي دريائن جو پاڻي پاڪستان کي حاصل آهي.رائٽرز کي ذريعن ٻڌايو ته ڀارت درياءَ چناب مان نڪرندڙ رنبير نهر جي ڊيگهه ٻيڻي ڪري 120 ڪلوميٽر تائين وڌائڻ چاهي ٿو، اها ندي ڀارت مان گذري پاڪستان جي پنجاب تائين پهچي ٿي، جيڪو پاڪستان جي زرعي پيداوار جو مرڪز آهي. ڀارت کي چناب ندي مان آبپاشي لاءِ محدود مقدار ۾ پاڻي وٺڻ جي اجازت آهي، پر نهر جي توسيع سان ڀارت 150 ڪيوبيڪ ميٽر في سيڪنڊ پاڻي وٺڻ جي سگهه حاصل ڪندو، جيڪو هن وقت لڳ ڀڳ 40 ڪيوبيڪ ميٽر آهي. سنڌ طاس معاهدي تحت دهلي کي درياءَ ستلج، بياس ۽ راوي جي پاڻي تي مڪمل اختيار حاصل آهي. ڀارتي پرڏيهي وزارتِ جي ترجمان رنڌير جيسوال صحافين کي ٻڌايو ته: "ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي تيستائين معطل رکي ڇڏيندو، جيستائين پاڪستان سرحد پار دهشتگردي جي حمايت ختم نٿو ڪري.” پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار قانونسازن کي ٻڌايو ته حڪومت ڀارت کي خط لکي وضاحت ڪئي آهي ته معاهدي کي معطل ڪرڻ غيرقانوني آهي، ۽ اسلام آباد ان معاهدي کي لاڳو تصور ڪري ٿو. واشنگٽن ۾ قائم سينٽر فار اسٽرٽيجيڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز جي پاڻي ماهر، ڊيوڊ مشيل چيو ته ڀارت پاران ڪوبه ڊيم، واهه يا ٻيو ڍانچو تعمير ڪرڻ ۾ سال لڳي سگهن ٿا، پر پاڪستان کي اڳ ئي ڀارت جي دٻاءَ جو اندازو ٿي ويو آهي. ڏسڻ ۾ آيل ٻه سرڪاري دستاويز ۽ معاملي سان واقف پنج ماڻهن مطابق، رنبير نهر جي توسيع سان گڏ، ڀارت انهن منصوبن تي به غور ڪري رهيو آهي، جن سان پاڪستان لاءِ مختص دريائن مان پاڪستان ۾ پاڻي جي وهڪاري ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. دهلي ڪشمير ۾ هائيڊرو پاور منصوبن جي فهرست به تيار ڪئي آهي، ۽ اميد ڪري ٿو ته انهن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ بجلي جي پيداوار موجوده 3360 ميگاواٽ مان وڌي 12000 ميگاواٽ تائين پهچي ويندي.وزارت بجلي جي دستاويز مطابق، ڀارت گهٽ ۾ گهٽ پنج ڊيمن لاءِ موزون هنڌن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، جن مان چار درياءَ چناب تي ۽ هڪ درياءَ جهلم جي معاون درياءَ تي ٺهڻا آهن. پاڪستان چيو آهي ته هو مختلف بين الاقوامي فورمز، جن ۾ ورلڊ بينڪ (جنهن سنڌ طاس معاهدي جي سهولتڪاري ڪئي هئي)، مستقل ٽياڪڙي جي عدالت، ۽ عالمي عدالت انصاف ۾ قانوني ڪارروائي جي تياري ڪري رهيو آهي.