ڪنڌ ڪوٽ ۾ مسافرن کان ڦرلٽ، ڪينسر جو علاج ڪرائي موٽندڙ نوجوان قتل

ڪنڌڪوٽ / غوثپور (رپورٽ: ممتازسنڌي/ عبدالجبار اوڳاهي)ڪنڌ ڪوٽ انڊس هاءِ وي تي الاھي بخش لاڙي وٽ ڪرم پور پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ڏينهن ڏٺي جو ھٿياربندن روڊ تي اچي ھٿيارن جي زور تي ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦرلٽ ڪئي، ان دوران گمبٽ کان علاج  ڪرائي واپس ايندڙ ڪينسر جي مريض شڪيل احمد ميراڻي کي ھٿياربندن ڪار نه روڪڻ تي سڌي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ سبب ڪار ڊرائيور جي  ڪنٽرول مان نڪري روڊ جي ھيٺ پاڻي جي ڪاھي ۾ ڪري پئي، اطلاع ملڻ تي ڪرمپور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش پاڻي مان ڪڍرائي ڪرمپور جي رورل ھيلٿ سينٽر آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ جي دايا محلي جو رھواسي 20 ورھين جي شڪيل احمد ميراڻي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوھاري پوليس جي پھچڻ کان اڳ ئي فرار ٿي ويا، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي، مقتول جي وارثن جي وارثن جو چوڻ آهي ته شڪيل ميراڻي جو گمبٽ اسپتال مان علاج ڪرائي واپس ڪنڌڪوٽ وڃي رھيا ھئاسين ته الاھي بخش لاڙي وٽ ڏوھارين ڪار تي سڌي فائرنگ ڪئي پوليس ڏوھارين خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته واقعي ۾ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.