حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ آئيني بئنچ، قاضي احمد ۽ مورو ۾ قائم ٿيل النور شگر مل ۽ النور ايم ڊي ايف جو زھريلو ڪئميڪل دز خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ماحولياتي ٽربيونل کي 6 مھينن اندر ڪيس اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس ارباب علي ھڪڙو ۽ جسٽس رياضت علي ساھڙ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ۾ درخواستگذار غلام سرور ڏاھري پنھنجي ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو معرفت داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته النور ايم ڊي ايف فيڪٽري جي زھريلي ڪيميڪل گئس پاڻي ۽ دز جو آزار آھي، علائقي ۾ ماڻھو رھي نٿو سگھي، فيڪٽري جي زھريلي شين جي ڪري آبھوا خراب ھجڻ سبب علائقي واسي ڪينسر، دل جي مرض، دم جي بيماري، چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا آھن، ماحوليات کاتي ۽ ضلعي انتظاميا سميت لاڳاپيل کاتن کي شڪايتون ڪيون پر عملدرآمد نه ٿيو آھي، ماحولياتي ٽربيونل وٽ 10 سالن کان ڪيس ھلندڙ آھي پر اڃا تائين فيصلو نه اچي سگھيو آھي، تنھن ڪري سنڌ ھاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو آھي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ماحولياتي ٽربيونل کي لاڳاپيل درخواست جي ڪيس تي 6 مھينن فيصلو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.