ڪراچي(رپورٽر)صوبي سنڌ جي هڪ اهم شخصيت جي گاڏي ٽريفڪ ۾ ڦاسجڻ واري واقعي کان پوءِ شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جو ايس ايچ او عهدي تان هٽايو ويو آهي،اطلاعن موجب، خميس جي رات دير سان هڪ اهم شخصيت ڪراچي طرف اچي رهيو هو ته جڏهن ته شاهه لطيف ٽائون جي حد ۾ علائقي واسين پاران احتجاج سبب ٽريفڪ جام هو، جنهن جي نتيجي ۾ اهم شخصيت جي گاڏي به جام ۾ ڦاسي پئي،ان واقعي جي نتيجي ۾ ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي پاران ايس ايچ او آمين کوسي کي فوري طور عهدي تان هٽائي، ان جي جاءِ تي سب انسپيڪٽر صدرالدين ميراني کي نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي.