ڪراچي ( رپورٽر) عوامي تحريڪ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ سرواڻ رسول بخش پليجي جي ڀيڻ، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ حورالنسا پليجو ڪراچي ۾ وفات ڪري وئي، هن پنھنجي رھائش گاهه ڪراچي گلستان جوھر ۾ دم ڏنو.. کيس ڪجھه وقت ساهه جي تڪليف ھئي، جنھن کان پوءِ کيس ڇاتي جي ڪينسر ٻڌائي وئي. حورالنساءُ پليجو رسول بخش پليجي صاحب سان تاريخي جدوجھدن ۾ شامل رھي. ون يونٽ مخالف جدوجھد، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو، ايم آر ڊي، ڪالاباغ ڊيم خلاف ھليل تاريخي جدوجھدن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. حورالنساءُ پليجو ھينئر عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر پڻ ھئي. عوامي تحريڪ پاران ٽن ڏينھن جو سوڳ ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.