ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ مسلسل ٻه ڏينهن سستو ٿيڻ کانپوءِ ِ اڄ سون جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن جي انگن اکرن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 900 رپيا مهانگو ٿي 3 لک 36 هزار 100 رپين تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته ڏهه گرام سون جي قيمت ۾ به 772 رپين جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ اهو 2 لک 88 هزار 151 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت وڌي وئي آهي، جتي في اونس سون 9 ڊالر واڌ کانپوءِ 3177 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like