اسلام آباد/نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرلز ملٽري آپريشنز (ڊي جي ايم اوز) جي وچ ۾ ٿيل رابطن کانپوءِ ڀارتي فوج پاران اهم بيان جاري ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتمادسازي جا قدم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته جيئن سرحدن تي امن کي وڌيڪ يقيني بڻائي سگهجي.
ڀارتي فوج موجب، ٻنهي ملڪن الرٽ جي سطح کي گهٽائڻ لاءِ اعتماد جوڳا قدم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
Next Post
You might also like