ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) ابوظبي جي دوري دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اماراتي ميزبانن طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل ”اعليٰ معيار“ جو ڪچو تيل تحفي طور پيش ڪيو ويو، پر اهو تحفو ٽرمپ جي اميدن کان گهڻو گهٽ نڪتو.
رپورٽن موجب، اماراتي صنعت واري وزير ڊاڪٽر سلطان الجابر آمريڪي صدر کي شاندار پيڪنگ ۾ تيل جي هڪ ننڍڙي شيشي تحفي طور ڏني.
ان موقعي تي ٽرمپ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ساڻس شڪايت ڪندي چيو ته ” هي دنيا جو بهترين تيل آهي، پر مون کي ته رڳو هڪ ڦڙو ڏنو ويو! مان خوش نه آهيان “
ڊاڪٽر سلطان الجابر سنجيدگي سان ٽرمپ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو تيل ”مرون آئل“ آهي، جيڪو دنيا جي اعليٰ معيار واري ڪچي تيل طور ڄاتو ويندو آهي، پر ٽرمپ متاثر نظر نه آيو.